تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پاسدارانِ انقلاب جي بحريه جي نائب سياسي سربراهه محمد اڪبر زادا چيو آهي ته آمريڪا سان ٻيهر جنگ جا امڪان گهٽ آهن.
پنهنجي بيان ۾ محمد اڪبر زادا چيو ته ايران ڪنهن به حملي جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
ايراني پاسدارانِ انقلاب جي بحريه جي نائب سياسي سربراهه وڌيڪ چيو ته دشمن جي ڪمزوري سبب جنگ جو امڪان گهٽ آهي.