لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪارا مومنه اقبال ۽ مسلم ليگ (ن) جي اسيمبلي ميمبر ثاقب چڍر جي وچ ۾ تڪرار ٻيهر شدت اختيار ڪري ويو آهي، ٻنهي طرفان الزام ۽ جوابن جو سلسلو سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب مومنه اقبال اڳ ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته ثاقب چڍر کيس هراسان ڪري رهيو آهي ۽ سندس شادي کانپوءِ به ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.
واضح رهي ته اداڪارا تازو ئي حمزا حبيب سان شادي ڪئي آهي.
ٻئي پاسي ثاقب چڍر طرفان قانوني ڪارروائي به شروع ڪئي وئي آهي، سندس وڪيل جو چوڻ آهي ته مومنه اقبال کانئس مالي فائدا حاصل ڪيا، جڏهن ته ثاقب کي سندس شادي تي ڪو به اعتراض ناهي.
هاڻي تازي بيان ۾ ثاقب چڍر مومنه اقبال جي مڙس حمزا حبيب بابت دعويٰ ڪندي چيو ته حمزا مون کي بيغيرت چئي رهيو آهي، پر هو اڄ به ان گاڏي ۾ سفر ڪري رهيو آهي جيڪا مون مومنه کي تحفي ۾ ڏني هئي.
ثاقب چڍر جي هن بيان تي مومنه اقبال انسٽاگرام ذريعي سخت ردعمل ڏنو.
اداڪارا طنزيه انداز ۾ چيو ته لڳي ٿو سڄو ملڪ سندس جي پئسن تي هلي رهيو آهي، پهريان فورچيونر جو دعويٰ ڪئي، هاڻي ٻي گاڏي جي به دعويٰ ڪري رهيو آهي.
مومنه وڌيڪ طنز ڪندي لکيو ته سڀني کي گاڏيون ڏئي ڇڏڻ گهرجن، بس ماڻهو پنهنجا گردا سنڀالي رکن، نه ته اهي به وڪرو ڪري ڇڏيندا.
سوشل ميڊيا تي ٻنهي شخصيتن جي وچ ۾ جاري هي لفظي جهيڙو واهپيدارن جو ڌيان حاصل ڪري رهيو آهي، جڏهن ته مداح هن معاملي تي مختلف راءِ ڏئي رهيا آهن.