دنيا ۾ پاڪستان کي امن جي پاسدار طور ڏٺو پيو وڃي، مسمان امت جا محافظ آهيون: رانا ثناءُ الله

فيصل آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم جي صلاحڪار سينيٽر رانا ثناءُ الله چيو آهي ته اڄ سڄي دنيا ۾ پاڪستان کي امن جي محافظ طور ڏٺو پيو وڃي، ۽ وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير مبارڪباد جا مستحق آهن.

فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هو سڄي قوم کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد پيش ڪري ٿو، الله تعاليٰ هن مقدس ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي عالمِ اسلام تي رحمت فرمائي.

هن چيو ته آمريڪا ۽ ايران جي جنگ جي نتيجي ۾ سڄي دنيا خاص طور تي اسان جو خطو متاثر ٿيو آهي.

هن جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي ۽ معاشي طور به مشڪلاتون آهن، عام ماڻهو مهانگائي کي منهن ڏئي رهيو آهي، حڪومت اهڙو بجيٽ آڻيندي جنهن ۾ مهانگائي کان متاثر عوام کي رليف ملي سگهي.

رانا ثناء چيو ته جنگي حالتن ۽ ڇڪتاڻ دوران پاڪستاني قيادت بردباري سان سفارتي طور تي دنيا ۾ پنهنجو مقام ٺاهيو آهي، ۽ دنيا پاڪستان کي اهڙي ايٽمي طاقت طور ڏسي رهي آهي جنهن سان مسلم امت کي تحفظ جو احساس ملي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.