روم (ويب ڊيسڪ)اٽلي يورپي يونين کان اسرائيل جي وزير بن گوئر خلاف پابنديون لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
اطالوي پرڏيهي وزير انتونيو تجاني چيو آهي ته هن يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن واري سربراهه ڪايا ڪالاس کي اسرائيلي وزير خلاف باقاعدا درخواست موڪلي آهي.
هي درخواست اسرائيلي قومي سلامتي جي وزير اتمار بين گوئر جي فلوٽيلا جي ميمبرن سان ناقابل قبول قدم کڻڻ خلاف ڪئي وئي آهي.
اٽلي يورپي يونين جي وزيرن جي ايندڙ گڏجاڻي ۾ اسرائيلي وزير خلاف پابنديون لاڳو ڪرڻ بابت بحث ڪرڻ جي درخواست پڻ ڪئي آهي.