هڪ نئين تحقيق مان خبر پئي آهي ته دل جي بيمارين جو خطرو گهٽائڻ لاءِ هاڻوڪي ورزش جا هدف ڪافي نه آهن ۽ ماڻهن کي روزانو 90 منٽن تائين ورزش ڪرڻ جي ترغيب ڏني وڃي ٿي.
عام طور تي بالغ ماڻهن کي هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 150 منٽ ورزش ڪرڻ جي هدايت ڏني ويندي آهي، پر برٽش جرنل آف اسپورٽس ميڊيسن ۾ ڇپيل ٿيل چين جي ماهرن جي تحقيق موجب وڌيڪ ورزش دل جي دوري، فالج ۽ دل جي ناڪامي جو خطرو گهڻو گهٽائي ٿي.
هي تحقيق ميڪائو پوليس ٽيڪنڪ يونيورسٽي جي ماهرن ڪئي، جنهن ۾ 17 هزار 88 ماڻهن جو ڊيٽا شامل هو.
شرڪت ڪندڙن جي سراسري عمر 57 سال هئي ۽ انهن جي جسماني سرگرمي کي هفتي تائين ٻانهن تي لڳل اوزارن سان ماپيو ويو. انهي دوران انهن جو VO2 max به ماپيو ويو، جيڪو دل ۽ ڦڦڙن جي صحت جو اهم معيار آهي.
تقريباً اٺ سال جي فالو اپ ۾ 1,233 ماڻهن کي دل جي بيمارين جو سان منهن ڏيڻو پيو. جنهن ۾ 874 ڪيس دل جي ڌڙڪن جي بي ترتيبي، 156 دل جا دورا، 111 دل جي ناڪامي ۽ 92 فالج جا واقعا شامل هئا.
جن ماڻهن هفتي ۾ 150 منٽ ورزش ڪئي، انهن ۾ دل جي بيماري جو خطرو 8 کان 9 سيڪڙو گهٽ هو، جڏهن ته جيڪي ماڻهو هفتي ۾ 560 کان 610 منٽ ورزش ڪندا هئا، انهن ۾ خطرو 30 سيڪڙو تائين گهٽجي ويو.
تحقيق ۾ اهو پڻ ظاهر ڪيو ويو ته گهٽ فٽنيس وارن ماڻهن کي وڌيڪ ورزش ڪرڻي پوندي آهي ته جيئن اهي ساڳيو فائدو حاصل ڪري سگهن، جيڪو صحتمند ماڻهن کي گهٽ وقت ۾ ملي وڃي ٿو.
جيتوڻيڪ هي تحقيق مشاهداتي هئي ۽ سڌو سنئون ثابت نٿي ڪري ته ورزش ئي بيمارين جو خطرو گهٽائي ٿي، پر ماهرن جو چوڻ آهي ته هاڻوڪي 150 منٽ جي هدايت اثرائتي آهي، پر ڪجهه ماڻهن کي وڌيڪ ورزش جي ضرورت ٿي سگهي ٿي.