اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا خلاف باني پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي جي اپيلن تي اهم اڳڀرائي ٿي آهي. عدالت چيو آهي ته جيڪڏهن وڪيل بيمار آهي ته متبادل وڪيل پيش ڪيو وڃي، نه ته رڪارڊ جي بنياد تي فيصلو ڪيو ويندو.
باني پي ٽي آءِ جي سزا خلاف اپيل جي ٻڌڻي جو لکيل حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس محمد آصف تي ٻڌل بينچ اهو حڪم جاري ڪيو.
حڪم نامي موجب وڪيل سلمان صفدر اک جي پردي (ريٽينا) جي بيماري ۾ مبتلا آهن ۽ گذريل ٻڌڻي تي به وڪيل کي دليل ڏيڻ جو آخري موقعو ڏنو ويو هو.
عدالت چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي جيڪڏهن وڪيل طبي سببن جي ڪري موجود نه ٿيو ته متبادل وڪيل پيش ڪيو وڃي. جيڪڏهن متبادل وڪيل پيش نه ڪيو ويو ته اپيل جو فيصلو موجود رڪارڊ ۽ قانون موجب ڪيو ويندو.
عدالت اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ کي وڪالت نامي بابت به هدايتون جاري ڪيون آهن ته ان کي سڀني قانوني گهرجن مطابق فوري طور وڪيل حوالي ڪيو وڃي.