گلوبل صمود فلوٽيلا جا سڀ گرفتار ميمبر اسرائيلي قيد مان آزاد

تل ابيب (ويب ڊيسڪ)گلوبل صمود فلوٽيلا جي سڀني گرفتار ميمبرن کي اسرائيلي قيد مان آزاد ڪيو ويو آهي، جنهن جي تصديق اسرائيلي اختيارين طرفان ڪئي وئي آهي.

آمريڪا ۾ رهندڙ فلسطينين جي تنظيم عداله موجب امدادي ڪارڪنن کي اسرائيل مان نيڪالي ڏئي مختلف ملڪن ڏانهن موڪليو پيو وڃي.

ترڪي جي پرڏيهي وزير موجب امدادي ڪارڪنن کي ترڪي منتقل ڪيو پيو وڃي.

واضح رهي ته اسرائيلي فورسز جي حراست دوران فلوٽيلا جي ميمبرن تي سخت جسماني ۽ نفسياتي تشدد ڪيو ويو، ٽيزر گنز ۽ رٻڙ جون گوليون هلايون ويون، جڏهن ته ڪيترين ئي عورت شرڪت ڪندڙن جا حجاب اسرائيلي اهلڪارن زبردستي لاٿا.

ٻئي پاسي ساڄي ڌر جي اسرائيلي وزير بين گوير بدسلوڪي جي هڪ وڊيو پڻ شيئر ڪئي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته گرفتار امدادي ڪارڪن گوڏن ڀر زمين تي ويٺل آهن.

غزا لاءِ امداد کڻي ويندڙ سامونڊي قافلي ۾ پاڪستان جي سعد ايڌي سميت 400 کان وڌيڪ ميمبرن کي اسرائيلي فورسز غيرقانوني طور حراست ۾ ورتو هو، جنهن کانپوءِ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن مذمتي بيان جاري ڪيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.