ايران آمريڪا ٺاهه ۾ پاڪستان مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان علائقي ۾ ايران ۽ آمريڪا جي تڪرار جي حل لاءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

اسلام آباد ۾ پاڪ-چين لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته چين پاڪستان جي ثالثي واري ڪوششن جي حمايت ڪئي آهي.

تقريب ۾ صدرِ مملڪت آصف علي زرداري، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پڻ شريڪ ٿيا.

وزيراعظم چيو ته چين هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان سان پهاڙ وانگر گڏ بيٺو رهيو آهي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپن جو هي سفر جاري رهندو. پاڪستان بنا ڪنهن خوف يا هٻڪ جي ”هڪ چين“ واري پاليسي جي حمايت ڪري ٿو ۽ دهشتگردي خلاف سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻايو پيو وڃي.

شهباز شريف اهو پڻ چيو ته پاڪستان ۾ موجود هر چيني شهري کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين. پاڪستان ۾ چيني شهرين کي اها ئي سيڪيورٽي ملڻ گهرجي جيڪا هتي صدر ۽ وزيراعظم کي حاصل آهي.

وزيراعظم چيو ته مان چين جي صدر ۽ وزيراعظم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، پاڪستان پهريون اسلامي ملڪ آهي جنهن چين کي تسليم ڪيو. چيني ڀائرن جي تقريب ۾ شرڪت خوشيءَ جو باعث آهي.

هن چيو ته اڄ اسان چين سان پنهنجي عظيم لاڳاپن کي ملهائي رهيا آهيون، دنيا ۾ پاڪ-چين دوستي هڪ منفرد مثال آهي، جيڪا هر آزمائش تي پوري لٿي آهي. ٻوڏ هجي يا ڪا ٻي آفت، چين بي مثال ساٿ ڏنو آهي.

شهباز شريف چيو ته چين هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان سان پهاڙ وانگر گڏ بيٺو رهيو، وقت گذرڻ سان ٻنهي ملڪن جي دوستي وڌيڪ مضبوط ٿي آهي، سي پيڪ پاڪستان جي معيشت ۽ روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ انتهائي اهم آهي.

هن چيو ته علائقي ۾ ايران ۽ آمريڪا جي تڪرار جي حل ۾ پاڪستان مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ۽ چين پاڪستان جي ثالثي ڪوششن جي حمايت ڪئي آهي.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته چين 800 ملين ماڻهن کي غربت جي ليڪ کان ٻاهر ڪڍيو، گذريل سال مون هڪ هزار شاگردن کي چين موڪلڻ جو اعلان ڪيو هو، اسان چين جا ٿورائتا آهيون جنهن اسان جي ڪوشش کي عملي شڪل ڏني.

شهباز شريف چيو ته اڄ چين جي اقتصادي ۽ فوجي قيادت دنيا لاءِ مثال آهي، ۽ اسان دهشتگردي خلاف سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيا آهيون.

هن چيو ته جيئن صدرِ مملڪت آصف علي زرداري جو دورو اهم رهيو، تيئن منهنجو چين جو دورو به لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو.

تقريب کي خطاب ڪندي صدرِ مملڪت چيو ته چين سان دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ستون آهي، پاڪستان ۽ چين هميشه هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن جو دفاع ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.