نااهل بيوروڪريسي، گورننس لاءِ سنگين خطرو

اعجاز ممنائي

اها هڪ تلخ پر ناقابل ترديد حقيقت آهي ته اسان جي اڪثر آفيسرن عملي ڪارڪردگي جي بدران سوشل ميڊيا جي چمڪ کي پنهنجي ڪاميابي جو پيمانو بڻايو آهي. فيس بڪ پوسٽن، فوٽو سيشن ۽ نمائشي دورن گورننس کي ڊرامي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته زميني حقيقتون خاموش آهن. ملڪ جي هر آفيس اندر پيئڻ جو صاف پاڻي موجود ناهي ۽ نه ئي واش روم انساني استعمال لاءِ مناسب آهن، اسڪولن اندر تعليم جو نالو نشان ڪونهي اسپتالن ۾ غريب مريض دوائن لاءِ دانهون ڪري ڪري موت سان وڃي ڀاڪر پائن ٿا آفيسن اندر ڪرپشن اڏوهي وانگي کائي چٽ پئي ڪري۔ ميونسپل ڪميٽي خواه يونين ڪائونسل صاف سٿرائي ۽ ڊرينج تي ڪو توجهه نه پئي ڏئي جنهن ڪري تقريبن هر شهر گندگي  جي ور چڙهيل نظر اچي ٿو ۽ عوام احجاج ڪندي ڪندي ساڻو ٿي ويو آهي۔ سڀ کان وڌيڪ بدعنوان پٽواري غير قانوني اڪائونٽس کي بلاڪ ڪري عوام کي خوار ڪن ٿا، پر پوءِ چون ٿا ماضي  جي ڀيٽ ۾ هاڻي گورننس سٺي آهي.

ٻئي طرف، سوشل ميڊيا تي هر شيءِ کي "مثالي” طور ڏيکاريو ويندو آهي. هي اهو تضاد آهي جيڪو نظام جي اصل بيماري کي ظاهر ڪري ٿو. آفيسر عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ بدران ڪئميرا اينگل کي ترتيب ڏيڻ ۾ مصروف آهن. نتيجي طور، خراب گورننس هڪ مسلسل عذاب بڻجي چڪو آهي جتي ترقي فائلن ۾ نظر اچي ٿي ۽ زمين تي زوال کانسواء ڪجهه نظر نه ٿو اچي. جڏهن ترجيح خدمت جي بدران پبلسٽي بڻجي وڃي ٿي، ته ادارا خالي کوکلا ٿي وڃن ٿا. اهو رويو نه رڳو عوام جي اعتماد کي ڪمزور ڪري ٿو پر ماتحت عملي کي به اهو ئي پيغام موڪلي ٿو ته ڪم ظاهر ۾ هڪ ڏيکاريو ۽ ان جي آڙ ۾ ٻيو ڪم ڪريو جيڪو غيرضروري آهي. هي اهو لمحو آهي جتي رياستي مشينري پنهنجي روح وڃائي ٿي.

پاڪستان جي بيوروڪريسي، جيڪا برطانوي نوآبادياتي دور کان ورثي ۾ ملي آهي، اصولي طور تي هڪ غير جانبدار پيشه ورانه ۽ قابليت تي ٻڌل نظام جي طور تي ٺهيل هئي. سول سروس جو بنيادي مقصد رياست جي تسلسل، قانون جي حڪمراني ۽ عوامي خدمت کي يقيني بڻائڻ هو. پر وقت سان گڏ، ادارا سياسي اثر، ذاتي وفادارين ۽ طاقت جي غير رسمي مرڪزن جي تابع ٿي ويا. تازو هڪ اعليٰ آفيسر کي علامتي ڪم لاءِ تاڙيون وڄائيندي ڏٺو ويو، اهو صرف هڪ لمحو ناهي پر هڪ ذهنيت جو عڪس آهي جيڪا سالن کان ترقي ڪئي آهي. سوال اهو ناهي ته تاڙيون وڄائڻ غلط عمل آهي يا صحيح، پر اهو آهي ته ڇا گريڊ 22 جو آفيسر پنهنجي پيشه ورانه وقار، ادارتي غير جانبداري ۽ طاقت جو توازن برقرار رکي رهيو آهي؟.

پاڪستان جي قيام جي شروعاتي ڏهاڪن ۾، چوڌري محمد علي ۽ غلام محمد جهڙن بيوروڪريٽس رياستي ڍانچي کي مستحڪم ڪيو، پر ساڳئي وقت، طاقت بيوروڪريسي جي هٿن ۾ مرڪوز ٿي وئي. بعد ۾، ايوب خان جي دور ۾، سول ۽ فوجي بيوروڪريسي جي ڳنڍ هڪ نئين سياسي ڪلچر کي جنم ڏنو، جتي وفاداري قابليت تي ترجيح ڏيڻ لڳي.هي رجحان هڪ اهڙي نفسيات کي وڌيڪ جنم ڏئي ٿو جنهن کي "Yes man culture” چئي سگهجي ٿو. يعني، هڪ اهڙو آفيسر جيڪو پاليسي سازي ۾ اصولي موقف تي اطمينان کي ترجيح ڏئي ٿو. ان جو اثر اعليٰ سطحن تائين محدود ناهي پر اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن، سيڪريٽري ۽ ٻين جنرل ڪيڊر آفيسرن تائين پکڙيل آهي. ضلعي سطح تي، هڪ اسسٽنٽ ڪمشنر جو عهدو صرف انتظامي نه پر نفسياتي قيادت جو به هوندو آهي. جيڪڏهن هو ڏسي ٿو ته سندس سينئر طاقتور شخصيتن جي سامهون غير ضروري پيشڪش يا نمائش ڪري رهيا آهن، ته پوءِ سندس پنهنجن فيصلن ۾ به همت گهٽجي ويندي آهي. هو قانون جي بدران سياسي اشارن کي سمجهڻ شروع ڪندو آهي ۽ رياستي ڍانچو ڪمزور ٿي ويندو آهي.

مون اڪثر ڏٺو آهي ته ضلعي جا سمورا آفيسر، ڊپٽي ڪمشنر، ايس پي، ايتري تائين جو جج صاحبان به سياسي قوت جي درن تي هڪ نوڪر وانگر حاضري ڏيڻ تي مجبور آهن ، اهو غير پيشه وراڻو رويو آهي. هي اصل ۾ ساڳئي زنجير جي هڪ ڪڙي آهي. جڏهن ترقي جو معيار ڪارڪردگي جي بدران تعلقات يا تاثرات هوندو آهي،اهو رويو ڏسي اداري ۾ ٻيا آفيسر به ان رستي کي ڪاميابي جي زينو سمجهڻ شروع ڪندا آهن.اها صورتحال صرف اخلاقي زوال نه پر گورننس لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ آفيسر جيڪو "نه” چوڻ جي صلاحيت وڃائي ٿو، اهو عوامي مفاد جي خلاف فيصلن کي چئلينج به نه ڪندو ڇوته ان جي اهليت ان سيٽ جي نه آهي جنهن تي هو هن وقت ويٺو آهي. نتيجي طور، ڪرپشن، نااهلي ۽ بدانتظامي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو آهي.مون پنهنجي اداري اندر اهڙا به آفيسر ڏٺا آهن جيڪي نااهلي هوندي سينارٽي سبب ترقي ماڻي رهيا آهن پر کين پنهنجي عهدي جي زميواريء جي ڄاڻ ئي ناهي۔ پوءِ اهي رشوت ڏيڻ ۽ وٺڻ کي پنهنجو فرض سمجهي رهيا آهن۔ هن وقت اهو رويو سماجي ۽ ادبي تنظيمن ۾ به عام ڏسڻ “ اچي ٿو۔ ڪيترن ئي اديبن پنهنجي ڪهاڻين ۽ شاعريء ۾ طاقت ۽ ڪمزوري جي هن تضاد کي بار بار اجاگر ڪيو آهي، جتي اهو رواج رهيو آهي ته ڪو به پنهنجو مٿو مٿي ڪري نه هلي. هي چوڻي اڄ به بيوروڪريسي جي رويي ۾ نمايان نظر اچي ٿي، جتي سر بلند ڪري سچ ڳالهائڻ هڪ خطرو بڻجي ويو آهي.

آخرڪار، سوال اهو آهي ته ڇا ان صوتحال ۾ سڌارا ممڪن آهن؟ جواب آهي ”نه“،ته پوءِ، سياسي قيادت ۽ بيوروڪريسي ٻنهي کي پنهنجي زميوارين جون حدون سمجهڻ گهرجن ۽ نعرن جي بدران ميرٽ، شفافيت ۽ ادارتي خودمختياري کي عمل ۾ آڻڻ گهرجي ۽ اهڙو ٻج ڇٽڻ گهرجي جنهن مان سماج کي فائدو پهچي۔ ٻي صورت ۾، تاڙيون وڄائڻ جي هي گونج صرف هڪ واقعي تائين محدود نه رهندي، پر سڄي نظام ۾ هڪ خاموشي پيدا ڪري ڇڏندي جتي جرئت ۽ سالميت جا اصول صرف ڪتابي لفظ بڻجي ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.