ضلع ڪرّم جي علائقي وچ ڪرّم ۾ شدت پسندن جي ٻن گروهن ۾ سخت جهڙپ ٿي، جنهن ۾ هڪ ڪمانڊر سميت 18 شدت پسند مارجي ويا.
پوليس موجب فائرنگ جو واقعو وچ ڪرّم جي علائقي مناتو ڪامران ڪلي ۾ پيش آيو، جتي شدت پسند ڪمانڊر ڪاظم ۽ ممتاز امتي جي گروهن وچ ۾ هٿياربند ٽڪراءُ ٿيو.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جهڙپ دوران ٻنهي پاسن کان ڳرا هٿيار استعمال ڪيا ويا.
اختيارين موجب مارجي ويلن ۾ شدت پسند ڪمانڊر ممتاز امتي به شامل آهي ۽ شدت پسندن جا لاش مناتو ڪامران ڪلي واري علائقي مان هٿ ڪيا ويا آهن.
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته مقامي قبيلن لاش کڻي دفنائڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. وچ ڪرّم ۾ فورسز ڪيترائي ڀيرا شدت پسندن خلاف آپريشن ڪيا آهن، جن ۾ سوين شدت پسند ماريا ويا ۽ انهن جا تربيتي مرڪز ۽ ڪيترائي ٺڪاڻا به تباهه ڪيا ويا آهن.