ڪراچي(ويب ڊيسڪ)منشيات ڪيس ۾ گرفتار انمول عرف پنڪي طرفان سائرا شوڪت جي نالي سان جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جي ڪوشش پڪڙي وئي آهي.
ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا موجب انمول 18 فيبروري تي ”پاڪ آءِ ڊي“ ايپ ذريعي جعلي شناختي ڪارڊ لاءِ درخواست ڏني هئي.
تحقيقاتي اختيارين موجب نئين سڃاڻپ لاءِ انمول عرف پنڪي درخواست ۾ علامه اقبال ڪالوني شاهدرا، لاهور جو پتو به داخل ڪيو هو، پر نادرا ايپ جي سيڪيورٽي فيچرز سبب اها درخواست اڳتي نه وڌي سگهي.
ڊي آءِ جي سائوٿ جو چوڻ آهي ته پنڪي خلاف جعلسازي جي ڪوشش جو ڪيس داخل ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي.
پنڪي خلاف جعلسازي جي ڪوشش واري ڪيس جي ڪارروائي لاءِ ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا نادرا اختيارين کي خط به لکيو آهي.
ڊي آءِ جي جي خط کان پوءِ نادرا اختيارين به معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.