روم (ويب ڊيسڪ)اٽلي غزا لاءِ امداد کڻي ويندڙ قافلي ”صمود فلوٽيلا“ جي گرفتار ميمبرن سان خراب سلوڪ تي اسرائيلي سفير کي طلب ڪري ورتو آهي.
اطالوي حڪومت موجب غزا امدادي قافلي جي گرفتار ميمبرن سان اسرائيل جو رويو ناقابل قبول آهي، ۽ هن معاملي تي وضاحت لاءِ اسرائيلي سفير کي گهرايو ويو آهي.
اطالوي وزيراعظم جورجيا ميلوني ۽ پرڏيهي وزير انتونيو تاجاني گڏيل بيان جاري ڪندي واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته اٽلي فلوٽيلا ميمبرن سان ٿيندڙ خراب سلوڪ تي معافي جو مطالبو ڪري ٿو.
هنن چيو ته اسرائيلي ڪارروائي اطالوي حڪومت جي درخواستن جي توهين آهي.