هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيل ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ۽ ٻين جي ٻي ورسي جي موقعي تي ايران جي سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي هڪ تحريري پيغام جاري ڪيو آهي.
پنهنجي پيغام ۾ هن لکيو ته ايران ٻن عالمي ”دهشتگرد فوجن“ خلاف هڪ تاريخي ۽ بي مثال مزاحمت ڪري رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته جنگ سبب ايراني اختيارين تي اڳ کان وڌيڪ بار پئجي ويو آهي.
عربي ميڊيا موجب سپريم ليڊر ايراني قوم جي اتحاد تي به شڪرگذاري جو اظهار ڪيو.
هن ابراهيم رئيسي بابت چيو ته ذميواري، انصاف تي ڌيان ۽ فعال سفارتڪاري سندس نمايان خوبيون هيون، ۽ انهن مان هڪ خاص خوبي ماڻهن جي ويجهو هجڻ به هئي.
سندس چوڻ هو ته اهي خوبيون ايران جي دوستن لاءِ همت افزائي جو سبب بڻجنديون، جن ۾ طاقتور مزاحمتي محاذ جا ويڙهاڪ ۽ نظام جا ڪيترائي خيرخواهه شامل آهن.