” ابتا سبتا فيصلا “ لڳي ٿو سپريم ڪورٽ جي اها حيثيت ناهي رهي جيڪا اڳ هئي: مصطفيٰ نواز کوکر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اپوزيشن اتحاد ”تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان“ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته هاڻي لڳي ٿو ته سپريم ڪورٽ کي اها حيثيت حاصل نه رهي آهي جيڪا اڳ ۾ هئي، هاڻي اسان جو عدالتي نظام رڳو قانون واري وزارت سان ڳنڍيل هڪ کاتو بڻجي ويو آهي.

اسلام آباد مان جاري بيان ۾ مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته ايمان مزاري ۽ هادي علي جو ڪيس سپريم ڪورٽ وڃڻ کان اڳ ئي لڳي وڃڻ گهرجي ها. هن چيو ته لڳي ٿو ته ڪيس لڳرائڻ جي ڪوشش اڃا تائين ختم نه ٿي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جي هدايت باوجود اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مجبوري ۾ عمل ڪري رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن انتظاميا جي خواهشن خلاف ڪو ڪيس لڳي وڃي ته ان کي ڄاڻي واڻي دير جو شڪار بڻايو ويندو آهي، ڪيسن کان منهن موڙ ڪئي ويندي آهي ۽ جڏهن ڪا به منهن موڙ ممڪن نه هجي ته ابتا سبتا فيصلا ڏئي سائلن کي مايوس ڪيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.