تازو عالمي ٽياڪڙي عدالت جيڪا ھيگ ۾ قائم مستقل ٽياڪڙي اداري جي نگراني ھيٺ ڪم ڪري رھي آھي، پنھنجو اھم فيصلو جاري ڪندي واضح ڪيو آھي ته طاس معاھدي تحت قائم ٽياڪڙي عمل قانوني طور جائز آھي ۽ ڀارت ان عمل کي هڪطرفي طور رد نٿو ڪري سگھي۔ ھن فيصلي کي پاڪستان لاءِ سفارتي، قانوني ۽ اخلاقي سطح تي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ان سان عالمي سطح تي پاڪستان جو موقف مضبوط ٿيو آھي ته پاڻيءَ بابت مسئلا صرف طاقت يا دٻاءَ سان نه، پر عالمي قانون ۽ معاھدن جي روشني ۾ حل ٿيڻ گھرجن۔ ھن فيصلي جي وڏي اھميت ان ڪري به آھي جو ڀارت گذريل ڪجهه عرصي کان اھو مؤقف اختيار ڪندو رھيو آھي ته ھو ٽياڪڙي واري عمل کي تسليم نٿو ڪري ۽ معاملو غيرجانبدار ماهر تائين محدود ھجڻ گھرجي۔ پر عدالت پنھنجي فيصلي ۾ واضح ڪيو آھي ته پاڪستان پاران اٿاريل اعتراضن جي نوعيت اھڙي آھي، جيڪا ٽياڪڙي عدالت جي دائري اختيار ۾ اچي ٿي۔ ان مان صاف ظاھر ٿئي ٿو ته عالمي قانوني ادارن پاڪستان جي موقف کي وزن ڏنو آھي ۽ ڀارت جي هڪطرفي تشريح کي قبول نه ڪيو آھي۔
پاڪستان لاءِ ھن فيصلي جو پھريون وڏو فائدو اھو آھي ته ان سان طاس معاھدي جي قانوني حيثيت وڌيڪ مضبوط ٿي آھي۔ ڀارت جي اندر ڪجهه شدت پسند حلقا وقت بوقت اھو مطالبو ڪندا رھيا آھن ته پاڪستان سان طاس معاھدو ختم ڪيو وڃي يا پاڻيءَ کي سياسي دٻاءَ طور استعمال ڪيو وڃي۔ خاص طور تي 2016ع کانپوءِ ڀارتي قيادت پاران خون ۽ پاڻي گڏ نٿا وھي سگھن جھڙا بيان ڏنا ويا، جن سان خطي ۾ ڳڻتي وڌي وئي ھئي۔ پر عالمي عدالت جو تازو فيصلو ان ڳالهه جو اشارو آھي ته ڪو به ملڪ عالمي معاھدي کي پنھنجي مرضيءَ سان معطل يا نظرانداز نٿو ڪري سگھي۔ ٻيو وڏو فائدو اھو ٿيو آھي ته پاڪستان کي عالمي سطح تي اخلاقي برتري حاصل ٿي آھي۔ پاڪستان مسلسل اھو چوندو رھيو آھي ته پاڻي انساني بقا جو مسئلو آھي ۽ ان تي سياست نه ٿيڻ گھرجي۔ ھاڻي جڏھن عالمي ٽياڪڙي فورم پاڪستان جي اعتراضن کي ٻڌڻ جو حق تسليم ڪيو آھي ته ان سان دنيا ۾ اھو تاثر مضبوط ٿيو آھي ته پاڪستان قانوني ۽ سفارتي ذريعن سان مسئلا حل ڪرڻ چاھي ٿو، جڏھن ته ڀارت ڪيترن معاملن ۾ هڪطرفي رويو اختيار ڪري رھيو آھي۔
پر سوال اھو آھي ته ڇا ڀارت واقعي ھن عدالتي فيصلي تي پابند رھندو؟ اھو سوال تمام اھم آھي، ڇاڪاڻ ته بين الاقوامي قانون جي دنيا ۾ ڪيترائي اھڙا مثال موجود آھن، جتي طاقتور ملڪ عدالتن يا عالمي ادارن جي فيصلن کي مڪمل طور قبول نه ڪندا آھن۔ ڀارت به ھن فيصلي کانپوءِ فوري طور پنھنجي پراڻي موقف کي ورجايو آھي ته ھو ٽياڪڙي عدالت جي اختيار کي تسليم نٿو ڪري۔ اھو رويو ان ڳالهه جي نشاندھي ڪري ٿو ته نئين دهلي شايد عملي طور تي ھن عمل ۾ مڪمل تعاون نه ڪري۔ تنھن باوجود، ڀارت لاءِ مڪمل طور تي عدالتي فيصلي کي نظرانداز ڪرڻ آسان به ناھي۔ ان جا ڪيترائي سبب آھن۔ پھريون ته ڀارت پاڻ کي عالمي سطح تي ھڪ ذميوار جمهوري ۽ قانون جي پاسداري ڪندڙ ملڪ طور پيش ڪندو آھي۔ جيڪڏھن ھو عالمي ٽياڪڙي عمل کي کليل نموني رد ڪري ٿو ته ان سان سندس عالمي ساک متاثر ٿي سگھي ٿي۔ خاص طور تي اھڙي وقت ۾، جڏھن ڀارت عالمي معيشت، واپار ۽ سفارتڪاري ۾ وڏو ڪردار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي، تڏھن عالمي معاھدن جي ڀڃڪڙي سندس لاءِ سفارتي نقصان جو سبب بڻجي سگھي ٿي۔
ٻيو ته طاس معاھدو رڳو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ وارو معاملو ناھي، پر ان ۾ عالمي بئنڪ به ضامن طور شامل آھي۔ جيڪڏھن ڀارت عالمي قانوني عمل کي مڪمل طور رد ڪري ٿو ته ان سان عالمي ادارن جي ساک جو سوال پڻ پيدا ٿيندو۔ ان ڪري عالمي برادري به چاھيندي ته معاملو قانوني طريقي سان اڳتي وڌي۔ ٽيون اھم پاسو اھو آھي ته پاڻيءَ جا تڪرار مستقبل ۾ دنيا جي وڏن مسئلن مان ھڪ بڻجڻ وارا آھن۔ ڏکڻ ايشيا جھڙي آباديءَ سان ڀرپور خطي ۾ پاڻيءَ بابت ڪنھن به قسم جي ڇڪتاڻ جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگھن ٿا۔ ان ڪري عالمي قوتون به اھو نٿيون چاھين ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پاڻيءَ وارو معاملو ڪنھن وڏي تڪرار ۾ تبديل ٿئي۔
پاڪستان کي ھن موقعي تي صرف جشن ملهائڻ بدران ڊگھي مدي واري حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي۔ سفارتي سطح تي پاڪستان کي عالمي فورمن تي پنھنجو موقف وڌيڪ مضبوط نموني پيش ڪرڻ گھرجي۔ قانوني سطح تي بھترين ماهرن جي مدد سان ھر مرحلي تي مضبوط تياري ڪرڻ ضروري آھي۔ ان سان گڏ پاڪستان کي پنھنجي اندروني پاڻي پاليسي تي به ڌيان ڏيڻو پوندو۔ افسوس جو ملڪ اندر پاڻيءَ جي ذخيرن، ڊيمز، ڪئنالن جي سارسنڀال ۽ جديد آبپاشي نظام بابت اڃا تائين سنجيده ڪم گھٽ ٿيو آھي۔ جيڪڏھن پاڪستان پنھنجي پاڻيءَ جو صحيح انتظام نٿو ڪري ته رڳو عالمي عدالتن جا فيصلا ڪافي ثابت نه ٿيندا۔