عبدالخالق جوڻيجو سنڌ جي قومپرست، ترقي پسند ۽ فڪري سياست جو هڪ معتبر ۽ محترم نالو آهن. هو گذريل اڌ صديءَ کان سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ فڪري منظرنامي تي سرگرمِ عمل آهي. سندس ويجهڙ ۾ شايع ٿيل ڪتاب ”اتساهيندڙ انسان“ رڳو ڪجهه نامور ۽ گمنام ڪردارن جي خاڪن ۽ مضمونن تي ٻڌل مجموعو ناهي، بلڪه هي ويھين ۽ ايڪويھين صديءَ جي سنڌي قومپرست سياست، قومي تحريڪ جي سفر، کاٻيءَ ڌر جي جدوجھد ۽ انسانيت پسنديءَ جو هڪ لافاني تاريخي ۽ سياسي دستاويز آهي. مصنف هن ڪتاب کي پنھنجي فڪري استادَ، سائين جي ايم سيد ۽ هارين جي سرموڙ اڳواڻَ ”بابائي سنڌ“ ــ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ کي ارپيو آهي. جوڻيجي صاحب سرڪاري انجنيئر طور نوڪري ڇڏڻ ۽ ڪل وقتي سياسي ڪارڪن بڻجڻ وارو پنھنجي زندگيءَ جو هڪ وڏو فيصلو، ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي زندگيءَ مان اتساهه ماڻيندي ۽ کانئس متاثر ٿي ئي ڪيو هو، جنھنجو عڪس هن ڪتاب جي روح ۾ جابجا نظر اچي ٿو.
هن ڪتاب جو بنيادي فلسفو ۽ مرڪزي خيال تاريخ ۾ فرد جي ڪردار جي چوڌاري گهمي ٿو. مصنفَ، جارج پليخانوف جي مارڪسي نظرين ۽ نطشي جي ’سپرمين‘ واري تصور جو تقابلي جائزو وٺندي واضح ڪيو آهي ته ڪوبه فرد اڪيلي سر تاريخ جو رُخ نٿو موڙي سگهي، بلڪه غير معمولي انسانَ اهي هوندا آهن، جيڪي معروضي حالتن کي سمجهي سماج جي ارتقائي سفر کي تيز ڪري انقلابن جا سرواڻ بڻبا آهن. هن ڪتاب ۾ 26 مضمونن رستي اهڙن ئي 24 ڪردارن کي پيش ڪيو ويو آهي، جن مان ڪجهه عالمي سطح جا انقلابي آهن، ته ڪجهه سنڌ جي وستين، واھڻن، ڳوٺن، جهر جهنگَ ۽ جيلن ۾ گمناميءَ جي زندگي گذاريندڙ سچا ۽ مخلص سياسي ڪارڪن آهن.
ڪتاب جي مضمونن ۽ موضوعن جو تنقيدي ۽ فڪري جائزو ورتو وڃي ته هن ڪتاب ۾ شامل 26 مضمونن جي شروعات ”ڪارل مارڪس: وڏو ماڻهو، وڏيون زيادتيُون“ جي عنوان سان لکيل مضمون سان ٿئي ٿي، جنھن ۾ ڪارل مارڪس جي فڪري قد ڪاٺ جو جائزو ورتو ويو آهي. جوڻيجو صاحب لکي ٿو ته: ”مارڪس انساني تاريخ جو اهو چمڪندڙ ستارو آهي، جنھن انساني سماج جي سفر جي سائنس کي دريافت ڪيو.“ مصنف جو ڏوراپو آهي ته جتي سرمائيداراڻي نظام مارڪس سان زيادتيون ڪيون، اتي خود مارڪس جي پيروڪارن ۽ مريدن به سندس نظرين کي جمُود جو شڪار بڻائي ساڻس وڏي ناانصافي ڪئي آهي. ڪتاب جي ٻئين مضمون ”ڪاسترو جو پيغام ۽ اسانجو وچن“ ۾ ڪيوبا جي انقلابي اڳواڻَ فيدل ڪاسترو جي استعمار دشمنيءَ ۽ مستقل مزاجيءَ کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي ۽ ان عزم کي ورجايو ويو آهي ته دنيا جي مظلوم طبقن لاءِ ڪاسترو جو پيغام اڄ به واٽ جو سوجهرو آهي. خالق صاحب جي ذڪر ڪيل ٽئين شخصيت سردار عطا الله مينگل آهي. مٿس تحرير ڪيل خاڪي ۾ مصنفَ، سردار مينگل جو ذڪر ڪندي بلوچستان جي حقن، مظلوم قوميتن جي ڏکن ۽ وفاق جي نالي تي ٿيندڙ ناانصافين تي تفصيلي روشني وڌي آهي. ”عاصمه جھانگير هڪ مزاحمتي ڪردار“ جي عنوان سان ڪتاب ۾ شامل پنھنجي چوٿين مضمون ۾ مصنف، عاصمه جھانگير کي پنجاب اندر ”هڪ طاقتور مزاحمت ۽ انساني حقن جو استعارو“ قرار ڏئي ٿو، جنھن هميشه ننڍن صوبن جي مظلومن ۽ گم ٿيل ماڻهن لاءِ آواز بلند ڪيو.
”اتساھيندڙ انسان“ ڪتاب ۾ شامل سنڌ جي وڏي ڏاھي، محمد ابراهيم جويي تي لکيل مضمون، جنھن جو عنوان ”محمد ابراهيم جويو ۽ سنڌ“ آهي، ڪتاب جي بھترين مضمونن مان هڪ آهي. جنھن ۾ ليکڪ کيس جديد سنڌ جو معمار ۽ روشن خياليءَ (Enlightenment) جي تحريڪ جو سرواڻ قرار ڏئي ٿو. جويي صاحب جي ڪتاب ”فڪر جي آزادي“ (سنڌي ترجمو) جو ذڪر ڪندي جوڻيجو صاحب ٻڌائي ٿو ته ڪھڙيءَ ريت هن سنڌي قوم کي علم ۽ ادب رستي بيدار ڪيو ۽ تحريڪِ پاڪستان جي تاريخي تناظر ۾ سنڌ جي حقن جي صحيح تشريح ڪئي. رسول بخش پليجي ۽ عبدالواحد آريسر تي لکيل ڌار ڌار مضمونن ۾ خالق صاحب ٻنهي ۾ فڪري ٽڪراءَ سان گڏوگڏ هڪجهڙائيءَ جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. جنھن ۾ رسول بخش پليجي کي جديد سنڌ جي سياسي بيداريءَ جو اهم محرڪ قرار ڏنو ويو آهي، جنھن سياست کي عوامي رنگ ڏنو. ٻئي پاسي عبدالواحد آريسر جي علميت، شرافت ۽ فڪري بلنديءَ جو ذڪر پڻ ڪيو آهي. مصنف لکيو آهي ته آريسر، سائين جي ايم سيد جو فڪري وارث هو. خالق صاحب نظرياتي اختلافن جي باوجود آريسر سان پنھنجي گَھِري قلبي ۽ فڪري تعلق جو ذڪر نھايت دردمنديءَ سان ڪيو آهي.
ڪتاب جي سڀ کان وڏي علمي ۽ اخلاقي سونھن اها آهي ته ڪتاب جي ليکڪَ رڳو وڏن نالن تي ناهي لکيو، پر تحريڪ جي انهن گم ٿيل هيروز کي به ياد ڪيو آهي، جن کي ٻيا مُوَرخَ وساري چڪا آهن. ان سلسلي ۾ جوڻيجي صاحبَ، جمن دربدر، گدا خاصخيليءَ ۽ علڻ ٿيٻي جھڙن گمنام ۽ مخلص ڪارڪنن کي به نھايت ساراهه جوڳي انداز ۾ ياد ڪيو آهي. ويجهڙ ۾ وڇڙي ويل مامي جمن دربدر کي ياد ڪندي خالق صاحب چوي ٿو ته: ”هُو سنڌ جو اهو مثالي عوامي فنڪار، شاعر ۽ ڪارڪن هو، جنهن پنھنجي مُرڪن ۽ گيتن پٺيان قوم جو درد لڪائي رکيو هو.“ هڪ ٻئي فقير منش، گدا خاصخيليءَ جو ذڪر ڪندي خالق صاحب لکي ٿو ته هُو هڪ عوامي شاعر، انقلابي ڪارڪن ۽ دانشور هو. جنھن غربت ۽ ڪسمپرسيءَ باوجود ڪڏهن به پنھنجن اصولن جو سودو نه ڪيو ۽ مقتدر حلقن جي سامهون هميشه سچ ڳالهائيندو رهيو. علڻ ٿيٻي ۽ عبدالقيوم منگيءَ جو ذڪر صاحبِ ڪتاب ڪجهه هن طرح سان ڪري ٿو ته: ”هي اهڙا سچا ڪارڪن هئا، جيڪي اندر توڙي ٻاهر اجرا هئا.“ عبدالقيوم منگيءَ بابت مصنف لکي ٿو ته: ”جيئن سندس ڪپڙا سدائين صاف هوندا هئا، ايئن ئي سندس من به هر قسم جي بغض ۽ ڪيني کان پاڪ هو.“
ڊاڪٽر ارباب کُھاوڙ تي مصنفَ، هن ڪتاب ۾ ٽي مضمون لکيا آهن، جن ۾ هُو کيس ”سنڌ جو صالح پُٽ“ ڪوٺي ٿو، جنھن ون يُونٽ خلاف تحريڪ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ته ڪراچيءَ جي نالي واري تاريخدان گل حسن ڪلمتيءَ تي شامل خاڪو به ڌيان سان پڙهڻ جھڙو آهي. جنھن ۾ ڪلمتيءَ جي لکيل ڪراچيءَ جي تاريخ، ان جي قديم سنڌي سڃاڻپ ۽ انگريز استعمار جي خلاف هتان جي ماڻهن جي قربانين جو تفصيلي ۽ تاريخي ذڪر ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ مصنفَ انسانيت جي عظيم علمبردارَ عبدالستار ايڌيءَ کي به تمام توقير وارن لفظن ۾ ياد ڪيو آهي. مٿس لکيل پنھنجي مضمون ”ايڌيءَ کي سنڌ جي مڃتا“ ۾ ليکڪ لکي ٿو ته ”ايڌي صاحب جو فلسفو ڪنھن هڪ مذهب يا نسل تائين محدود نه هو، بلڪه هو سنڌ جي صوفين جي 8 هزار سال پراڻي انسانيت دوست پيغام جي هڪ عملي ۽ مجسم شڪل هو.“ مٿي ذڪر ڪيل شخصيتن کان علاوه، خالق جوڻيجي صاحبَ هن ڪتاب ۾ عثمان بلوچ، يوسف مستي خان، نور الدين سرڪي، مولانا عزيز الله ٻوهيي، مولا بخش لغاريءَ، الطاف قادريءَ، شفيع محمد سنڌيءَ، ڊاڪٽر خير محمد جُوڻي ۽ الله رکيي ڳورڙ تي به مضمون ۽ خاڪا لکيا آهن، جن ۾ انهن شخصيتن جي ذاتي خوبين توڙي قومي ڪارڪن طور سندن ڪردار کي نھايت عمدن لفظن ۾ ساراهيو آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل نثر جي معيار ۽ تحرير جي اسلوب جو جائزو ورتو وڃي ته عبدالخالق جوڻيجي جي نثر نگاريءَ جي ڪجهه نمايان خوبين ۾ سندس لکڻيءَ جي سادگي ۽ سلاست، دردمندي ۽ تاثراتي اسلوب سندس نمايان نثري خوبيون آهن. مصنف جو اسلوب ڏکيو يا لغت زده ناهي. هو نھايت سادي، سليس ۽ عام فھم سنڌيءَ ۾ وڏا وڏا فلسفياڻا ۽ سياسي نظريا پڙهندڙن جي دلين ۾ لاهي ڇڏي ٿو. سندس لکڻي اڻ ڌريي هجڻ جو عالم اهو آهي ته خالق صاحب جتي شخصيتن جي خوبين کي اجاگر ڪيو آهي، اتي سندن فڪري تضادن يا سياسي ڪوتاهين تي به معروضي تنقيد ڪئي آهي. سندس قلم ڪنھن به شخصيت جِي انڌِي عقيدت ۾ ناهي وَهيو، بلڪه هن هڪ سچي محقق وانگر انصاف ڪيو آهي. تاثراتي اسلوب جي خوبي سندس تحرير ۾ ايئن موجود آهي، ته جڏهن هو پنھنجن ساٿي ڪارڪنن جي غربت ۽ سندن گھرن ۾ راشن، اٽي ۽ گيهه نه هجڻ ۽ سندن سَٺلَ جيلن جي اذيتن جو ذڪر ڪري ٿو، ته سندس نثر ۾ اهڙو سوز پيدا ٿي وڃي ٿو، جيڪو پڙهندڙ جي اکين کي آلو ڪري ڇڏي ٿو. هو ڀٽائيءَ ۽ اياز جي شعرن جو اهڙو برجستو استعمال ڪري ٿو، جو نثر جي سُونھن ٻيڻي ٿِي وڃي ٿي.
ٿُلهي ليکي، ”اتساهيندڙ انسان“ رڳو يادن ۽ ڀيٽا جو مجموعو ناهي، پر سنڌ جي سياسي تاريخ جو تتُ آهي. عبدالخالق جوڻيجي صاحب هن ڪتاب رستي نؤجوانن کي اهو نياپو ڏنو آهي ته قومون صرف مادي ترقيءَ سان ناهن اُسرنديون، پر اُوچي ڪردارَ، سچن آدرشن ۽ قرباني ڏيندڙ انسانن جي دم سان زندگي ماڻينديو آهن. هي ڪتاب سنڌ جي سياسي ۽ ادبي حلقن ۾ هڪ مُلهائتو واڌارو آهي، جيڪو ان ڳالهه جي گهرجَ ڪري ٿو ته ان جو اردو ۽ انگريزيءَ ۾ به ترجمو ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ سميت سڄيءَ دنيا جا پڙھندڙَ سنڌ جي مخلصاڻين تحريڪن ۽ انهن سان سلهاڙيلَ لازوال ڪردارن کان واقف ٿي سگهن. خالق جوڻيجو صاحب دلي داد جو مستحق آهي، جنھن هن قحط الرجال جي دؤرَ ۾ ايڏو شاندار ۽ متاثر ڪندڙ ڪتاب لکيو ۽ شايع ڪيو.
160 صفحن تي ٻڌل ”اتساھيندڙ انسان“ جو پھريون ڇاپو، پيڪاڪ پبلشرز، ڪراچيءَ پاران هن ئي سال 2026ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي، جنھن جو ملهه 600 روپيه آهي.