زندگي ۾ مطمئن رهڻ پنهنجو پاڻ ۾ هڪ وڏو امتحان آهي. ڇا پنهنجي حال تي مطمئن رهڻ درست عمل آهي؟ ۽ جيڪا معاشي حالت هجي، ان تي هٿ ٻڌي ويهي رهڻ کي خوشي سمجهڻ گهرجي؟ جيڪڏهن نه، ته پوءِ هميشه اڳتي وڌڻ جا جتن ڪجن ۽ هر وقت غير مطمئن رهي بهتر کان بهتر ٿيڻ واري واٽ تي هلجي؟ اهي ڪجهه سوال آهن، جيڪي ذهن ۾ اڀرن ٿا ته آخر ڇا ڪجي؛ Contentment وارو رستو اختيار ڪجي يا وري Perpetual Struggle واري راهه؟ حقيقت ۾ اهڙا فلسفي سوال ذهن کي گهڻو الجهائين ٿا.
حقيقت ۾ جيڪڏهن اسين انهن سوالن تي غور ڪنداسون ته اهي وڏا Paradox آهن، يعني هڪ ئي عمل سڪون ۽ اطمينان به ڏئي ٿو، پر گڏوگڏ سستي ۽ ڪاهلي به آڻي سگهي ٿو. اهي وري اهڙيون عادتون آهن، جيڪي جيڪڏهن ڪنهن قوم ۾ رائج ٿي وڃن ته پوءِ غلامي سندس مقدر بڻجي وڃي، پوءِ اها ذهني هجي يا جسماني. ٻئي طرف وري مسلسل جدوجهد ۽ غير مطمئن رهڻ واري واٽ انسان کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ٿي، چست رکي ٿي ۽ قومن کي مجموعي طور بهتري طرف وٺي وڃي ٿي.
پر Contentment ۾ رهڻ ۽ هر وقت جدوجهد ڪرڻ ۾ هڪ باريڪ فرق آهي، جنهن کي سمجهڻ ضروري آهي، ائين نه ٿئي جو اسان جا نوجوان محنت نه ڪرڻ کي ئي پنهنجي مشعلِ راهه بڻائي ويهي رهن.
صوفي فلسفي ۾ اوهان ٻڌو هوندو ته پکي خوراڪ گڏ ناهن ڪندا، پر انسان ڪندو آهي، پوءِ به انسان ئي بکيو رهي ٿو. اها ڳالهه ڪنهن حد تائين درست آهي، پر انسان ۽ پکين جي ضرورتن ۾ وڏو فرق آهي. خوراڪ جو گهٽ ٿيڻ فطري کان وڌيڪ انساني روين ۽ Exploitation سان لاڳاپيل هوندو آهي. انسان کي صرف خوراڪ نه، پر زندگي گذارڻ لاءِ ٻيون به بيشمار شيون گهربل هونديون آهن. جڏهن اسين پکين ۽ انسانن جي ڀيٽ ڪنداسون ته واضح فرق نظر ايندو.
اوهان ڏسندا هوندئو ته گهر ۾ پاليل ڪڪڙيون سڄو ڏينهن چڳنديون رهن ٿيون ۽ چوپايو مال به رڳو چرڻ ۾ مصروف هوندو آهي. انهن جي زندگي جو بنيادي مقصد کاڌو هوندو آهي، پر انسان انهن سڀني کان وڌيڪ طلبگار آهي. انسان ئي دنيا جو اهو جاندار آهي، جنهن کي مفت ۾ تمام گهٽ ملي ٿو، ۽ کاڌي کان اڳ ان کي پچائڻ جي محنت به ڪرڻي پوي ٿي. انڪري فطرتي اصول موجب اهو ممڪن ناهي ته انسان پنهنجي حاصل تي مڪمل خاموش ٿي ويهي رهي.
ڪڏهن ڪڏهن جيڪڏهن اسين غور ڪريون ته اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته دنيا کي اهڙي ريت ٺاهيو ويو آهي، جتي سئو سيڪڙو مطمئن ۽ مڪمل خوش رهڻ تقريباً ناممڪن آهي. ها، پر خوشي ٿوري ۾ ضرور هوندي آهي. جيئن چوندا آهن: There is abundance in the minimum. پوءِ ڀلي اوهان کي دنيا جي بادشاهي ملي وڃي، پر جيڪڏهن اوهان کي خوشي ٿوري ۾ ملي ٿي ته پوءِ وڏي دولت به اوهان لاءِ ڪا غيرمعمولي ڳالهه نه رهندي. باقي ٻيو سڀ اوهان جي محنت جو نتيجو ۽ نصيب آهي
هتي هڪ ٻيو فرق به سمجهڻ ضروري آهي. Discontentment ۾ ماڻهو شڪايت ڪندو رهي ٿو، جڏهن ته Contentment ۾ ماڻهو خوش ۽ مطمئن ته هوندو آهي، پر اڳتي وڌڻ جي جستجو ختم نه ٿيندي اٿس. ۽ حقيقت ۾ اهو ئي سبق آهي ته انسان کي هميشه مطمئن رهندي به ترقي جي ڪوشش جاري رکڻ گهرجي. اهو ئي سوچڻ گهرجي، جنهن بابت Marcus Aurelius پنهنجي ڪتاب Meditations ۾ لکيو آهي ته: ”جيڪو به اوهان وٽ آهي، سو هي لمحو ۽ هي گهڙي آهي.“ باقي سڀ ڪجهه يا ته ماضي آهي يا مستقبل. جيڪو وقت گذري ويو، اهو اوهان جو رهيو ئي ناهي، ۽ جيڪو مستقبل اڃا آيو ئي ناهي، سو به اوهان جو ڪيئن ٿيو؟ پوءِ ماضي تي ايترو ڇو سوچجي؟
انڪري حال ۾ رهي خوش گذارڻ گهرجي ۽ ساڳئي وقت پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ ڪوششون به جاري رکڻ گهرجن. مثال طور، جيڪڏهن اوهان اڄ هڪ ٻوٽو پوکيو ٿا ته مستقبل ۾ اهو وڏو ٿي اوهان سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي ڇانو ڏيندو. سوچيو، جيڪڏهن حال ۾ اهو قدم ئي نه کنيو وڃي ته پوءِ مستقبل ۾ ڇانو ڪٿان ايندي؟