ڪراچي جي قديم ڳوٺن تي ڪاهون بند ٿيڻ گهرجن

سامي ميمڻ

ڪراچي  ٻهراڙين، قديمي ڳوٺن ۽ مقامي آبادين تي انتظاميا، روينيو عملدارن، بلڊرن، قبضاگيرن ۽ بااثر ڌرين جون ڪاهون ڪا نئين ڳالهه ناهن۔ هي سلسلو ڏهاڪن کان جاري آهي، جنهن ۾ ڪڏهن ڪي ڊي اي، ڪڏهن ڪي ايم سي، ڪڏهن ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي، ته ڪڏهن روينيو ۽ پوليس انتظاميا مختلف بهانن سان سنڌ جي اصل وارثن کي سندن اباڻن ڳوٺن مان بي دخل ڪرڻ جون ڪوششون ڪندي رهي آهي  تاريخ شاهد آهي ته ڪراچي جي قديمي سنڌي وسندين کي شهر جي ترقيءَ جي نالي تي هميشه نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته وڏن بلڊرن، هائوسنگ اسڪيم مافيا ۽ زمينن تي قبضو ڪندڙ ٽولن کي مڪمل سرڪاري سرپرستي حاصل رهي آهي۔هڪ وقت هو جڏهن ڪي ڊي اي ۽ ڪي ايم سي جي جڙتو نقشن ۾ سنڌي ڳوٺن جو وجود ئي تسليم نه ڪيو ويندو هو۔  صدين پراڻين آبادين کي “غيرقانوني” قرار ڏئي، انهن کي ڊاهڻ ۽ اتان ماڻهن کي لڏائڻ جا منصوبا تيار ڪيا ويندا هئا۔ ڪيترائي اهڙا ڏينهن گذريا جڏهن ملير، گڏاپ، بن قاسم، شاهه لطيف، ابراهيم حيدري، رزاق آباد ۽ ديهه ڪونڪر سميت مختلف علائقن ۾ ڳوٺن تي چڙهايون ڪيون ويون، عورتن ۽ ٻارن کي هراسان ڪيو ويو ۽ ماڻهن جي زمينن تي زبردستي قبضن جون ڪوششون ڪيون ويون۔وقت بدلجڻ سان ادارن جا نالا ضرور بدليا، پر سنڌي ڳوٺن خلاف پاليسيون نه بدليون۔ اڳ ۾ جيڪي ڪم ڪي ڊي اي ۽ ڪي ايم سي ڪندي هئي، اڄ اهي ساڳيا ڪم روينيو عملدار، مقامي بااثر، بلڊر مافيا ۽ قبضاگير ڪري رهيا آهن۔ فرق صرف ايترو آهي ته هاڻي انهن وٽ جديد طريقا، جعلي رڪارڊ، هٿ ٺوڪيا ڪاغذ، پوليس جي نفري ۽ ڳري مشينري موجود آهي، جنهن جي زور تي سنڌي آبادين کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن۔تازو ملير جي  علائقي  رزاق آباد لڳ ڌڻي پرتو موسيٰ جوکيو ڳوٺ ڀرسان مهاڳي جي چار ايڪڙ زمين تي اوچتو روينيو ۽ پوليس عملدارن پاران چڙهائي ڪئي وئي۔ اها زمين، جنهن تي جوکيا برادري جا سنڌي ماڻهو سالن کان آباد آهن، اوچتو سرڪاري قرار ڏئي اتان ماڻهن کي بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي۔ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ مختيارڪار جي اڳواڻي ۾ پوليس ۽ ڳري مشينري ساڻ ڪري ڳوٺ تي ڪاهه ڪئي وئي، جنهن بعد ڳوٺاڻا پنهنجي گهرن مان نڪري آيا ۽ سخت مزاحمت ڪئي۔

ڳوٺاڻن جي مزاحمت سبب صورتحال انتهائي ڇڪتاڻ واري بڻجي وئي۔ عورتون، ٻار، نوجوان ۽ بزرگ پنهنجي گهرن ۽ زمينن جي بچاءَ لاءِ روڊن تي نڪري آيا۔ آس پاس جي ڳوٺن خدا بخش نوهاڙي، علي محمد لاشاري، پير سرهندي، جام ڪنڊو، رزاق آباد ۽ ٻين علائقن مان به هزارين ماڻهو گڏ ٿي احتجاجي ڌرڻو هنيو۔ ماڻهن جو چوڻ هو ته اهي صدين کان هن علائقي ۾ آباد آهن ۽ سندن زمينن تي زبردستي قبضا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي۔ ڳوٺاڻن جي سخت مزاحمت بعد سرڪاري عملو واپس وڃڻ تي مجبور ٿي ويو، جڏهن ته بعد ۾ 30 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا، جيڪي مقامي ماڻهن موجب سراسر ظلم، انتقامي ڪارروائي ۽ خوف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آهي۔

علائقي جي سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته موسيٰ ڳوٺ لڳ ڀڳ 94 ايڪڙن تي ٻڌل هڪ قديمي ڳوٺ آهي، جنهن جا رڪارڊ پراڻين ٽوپوگرافي نقشن ۽  سروي ۾ موجود آهن۔ هن چيو ته روينيو عملدارن کي  ڳوٺن خلاف ڪارروائين بدران اصل زمينن جي رڪارڊ کي ڏسڻ گهرجي۔ سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن سنڌي ڳوٺن کي ڊاهڻ جون ڪوششون جاري رهيون ته ان جا نتيجا انتهائي خطرناڪ نڪري سگهن ٿا۔

اصل سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان جو آئين ڪنهن به شهري کي بنا قانوني ڪارروائي ۽ مناسب متبادل جي سندس گهر مان بي دخل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو؟ پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل 23 هر شهري کي ملڪيت رکڻ جو حق ڏئي ٿو، جڏهن ته آرٽيڪل 24 تحت ڪنهن به شخص کي سندس ملڪيت کان قانوني جواز ۽ معاوضي کانسواءِ محروم نٿو ڪري سگهجي۔ ساڳي ريت آرٽيڪل 9 زندگي ۽ آزاديءَ جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو، جنهن ۾ باعزت رهائش به شامل آهي۔سپريم ڪورٽ آف پاڪستان به مختلف فيصلن ۾ واضح ڪري چڪي آهي ته قديمي آبادين کي بنا متبادل رهائش ۽ بنا قانوني طريقيڪار جي ڊاهڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي۔ عدالتن اهو پڻ چيو آهي ته رياست جو ڪم ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ نه، پر کين تحفظ فراهم ڪرڻ آهي۔بين الاقوامي قانون به ان حوالي سان تمام واضح آهي۔ گڏيل قومن جي انساني حقن واري عالمي پڌرنامي جي آرٽيڪل 17 تحت هر انسان کي ملڪيت رکڻ جو حق حاصل آهي، جڏهن ته آرٽيڪل 25 مطابق هر فرد کي مناسب رهائش جو حق حاصل آهي۔ گڏيل قومن جي اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي حقن بابت عالمي معاهدي  جي آرٽيڪل 11 ۾ به رهائش کي بنيادي انساني حق قرار ڏنو ويو آهي۔

اقوام متحده جي رهنما اصول  مطابق ڪنهن به آبادي کي زبردستي خالي ڪرائڻ کان اڳ حڪومت تي لازم آهي ته متاثر ماڻهن سان مشاورت ڪئي وڃي،قانوني نوٽيس ڏنو وڃي،متبادل رهائش فراهم ڪئي وڃي،عورتن، ٻارن ۽ بزرگن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي،۽ طاقت جو استعمال آخري حد تائين محدود رکيو وڃي۔پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڪراچي جي سنڌي ڳوٺن سان اهڙو ڪو به قانوني يا انساني رويو اختيار نٿو ڪيو وڃي۔ هتي طاقت، اثر رسوخ ۽ سرڪاري اختيارن جي بنياد تي صدين پراڻين آبادين کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن۔

ملير، جيڪو تاريخي طور سنڌي ماڻهن جي سڃاڻپ رهيو آهي، اڄ زمينن جي ڪاروبار ڪندڙن لاءِ سون جي کاڻ بڻجي ويو آهي۔ بحريا ٽائون، موٽر وي، هائوسنگ اسڪيمون، صنعتي زون، ڪمرشل پروجيڪٽ ۽ نيون رهائشي سوسائٽيون ٺاهڻ جي نالي تي مقامي ماڻهن کي بي دخل ڪيو پيو وڃي۔ اصل وارثن کي “قبضاگير” قرار ڏئي، سندن زمينن جا جعلي رڪارڊ ٺاهيا وڃن ٿا، جڏهن ته اربين رپين جي زمينن تي طاقتور ڌريون قبضا ڪري ويهن ٿيون۔ ڌڻي پرتو موسيٰ جوکيو ڳوٺ وارو واقعو رڳو هڪ ڳوٺ جو مسئلو ناهي، پر اها سڄي سنڌي سماج لاءِ هڪ سنگين وارننگ آهي۔ جيڪڏهن اڄ به سنڌي وسنديون پنهنجي زمين، سڃاڻپ ۽ حقن جي تحفظ لاءِ گڏ نه ٿيون ته مستقبل ۾ ڪراچي مان سنڌين جي وجود کي مڪمل ختم ڪرڻ جون ڪوششون وڌيڪ تيز ٿي سگهن ٿيون۔

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت قديمي ڳوٺن جو مڪمل سروي ڪرائي،سنڌي ڳوٺن کي قانوني تحفظ ڏئي،روينيو رڪارڊ شفاف بڻايو وڃي،جعلي الاٽمينٽن ۽ قبضا مافيا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،۽ مقامي ماڻهن کي سندن اباڻن حقن کان محروم ڪرڻ بند ڪيو وڃي۔سنڌي ڳوٺ صرف زمين جا ٽڪرا ناهن، پر اهي سنڌ جي تاريخ، ثقافت، تهذيب ۽ سڃاڻپ جا امين آهن۔ انهن کي ڊاهڻ رڳو گهر ڊاهڻ ناهي، پر هڪ مڪمل تاريخ، تهذيب ۽ قوم جي وجود تي حملو آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.