مرڪ نگر جي شهزادي سنت ساڌ رام جو وڇوڙو

اياز لطيف دايو

صحيح طرح ته ياد ناهي پر گهڻو ڪري اهو 97 يا 98 وارو دور هيو، گهوٽڪي جي صحافت جي نرسري سائين جيوترام آر منگلاڻي مون کي چيو ته سنت سترام داس جو ايڊيشن شايع ڪرڻو آهي، انھيءَ لاءِ پاڻ کي رهڙڪي جي گديسر سنت ساڌ رام جو تفصيلي انٽرويو ڪرڻو آهي، مرحوم نور حسن کوسو، سرڳواسي جيوترام ۽ مان گڏجي انٽرويو ڪرڻ لاءِ پهتا سين، انھيءَ وقت رهڙڪي جي درگاهه وسيع ايراضي تي قائم نه ٿي هئي، ماڙي تي هڪ ننڍو ڪمرو هيو جتي اسان ويٺا سين ۽ ڪيترائي ڪلاڪ انٽرويو کي رڪارڊ ڪيو، انھيءَ وقت سنت ساڌ رام جي ڦوهه جواني هئي، هن وٽ صرف ڌرمي معلومات نه هئي پر مختلف موضوعن تي سوال ڪيا ويا پر هن جي مک تي جنهن مرڪ جنم ورتو هو، اها ديپ وانگر محفل ۾ مهڪي رهي هئي، اسان جي تمام سٺي خاطر تواضع ڪئي وئي

اڄ جڏهن سنت ساڌ رام جو ديهانت ٿي چڪو آهي، سندس لکين پرشن جا نيڻ ڀنل ،دليون درد ۾ اوتيل آهن، انهن لمحن ۾ ساڻس ٿيل ملاقاتن جو سحر رابيل جهڙو واس ڏيئي رهيو آهي، اهڙا ماڻهو مذهبي مت ڀيد کان پري هوندا آهن جهڙي طرح ڀڳت ڪنور رام جو ڪردار اسان سڀني جي سامهون آهي، ڏهرڪي مان هڪڙي دوست ٽيڪسٽ ڪيو آهي ته منهنجي پاڙي جي هڪ مسڪين عورت جو ورهين کان وٺي سنت ساڌ رام جي آشيرواد سان علاج هلي رهيو آهي، اها ڏک جي ڪيفيت ۾ ڳالهائڻ ڇڏي وئي آهي، اها عورت مسلمان غريب خاندان جي آهي، اهڙا کوڙ سارا ڪم آهن، خاص طور مسڪينن جي هر قسم جي سهائتا رهڙڪي صاحب ۾ مون پنهنجي اکين سان ڏسي چڪو آهيان جنهن ۾ ڪا ڌرمي مت ڀيد ڪڏهن به نظر نه آئي، سائين ساڌ رام جو وڇوڙو گهوٽڪي جي هر گهٽي ۾ وڇيل آهي، ڪاروبار بند ٿي ويا آهن، نيڻن ۾ ڏک جي اڻ کٽ لهر آهي پر مون کي ته هي غم هند ۽ سنڌ جي آڪاس تي هڪ جهڙو نظر اچي رهيو آهي، ائين محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ لکين سوڳوارن جي لبن تي ڀڳت ڪنور رام جو آفاقي آواز گونجي رهيو آهي ته ڪيئن ريجهايان توکي ڪيئن پرچايان، ڪاش اڄ سائين جيوت رام حال حيات هجي ها ته انهيءَ سان گڏ سنت ساڌ رام جي ساروڻين کي ويهي تازو ڪيان ها، سندس ڪريا ڪرم جي رسمن ۾ شامل ٿيون ها، هاڻي به اسان جو روشن خيال قافلو ضرور انهيءَ سوڳ جي لمحن ۾ شرڪت ڪندو پر انهن جي اکين ۾ اياز جون هي سٽون ضرور هونديون ته

دور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا

تون اڃان ٿو جيئين هاءِ ڙي جيئڙا!

اها حقيقت آهي ته اهڙن جوڳيئڙن جي جهان ڇڏڻ سان اهڙي ڪمي محسوس ٿيندي آهي، جنهن جو پوراءُ مشڪل سان ٿي سگهندو آهي، جيئن ڀٽائي جي وڃڻ سان وري سنڌ ۾ ڪو ڀٽائي جنم وٺي نه سگهيو، جيئن ڀڳت رام جي المناڪ وڇوڙي سان سر، ساز سنگيت جي موسم اجڙي وئي ،اهڙي طرح سنت ساڌ رام جي موڪلاڻي سان اها ساڳي ڪيفيت آهي، ڇاڪاڻ ته انهن پنهنجي پوري ڄمار ڪنهن انسان جي ٻچڙي ته ڇا ڪنهن پکي پرند کي به ڪا تڪليف نه ڏني هئي، هنن جي ذهانت جي اها انتها هئي ته پاڻ اسسٽنٽ ڪمشنر جهڙي منصب تي به پهتا پر جڏهن روح جا رشتا ڌرتي جي ماڻهن سان پيوست ٿي وڃن ٿا ته سڀ منظر مرڪ جي آغوش ۾ گم ٿي ويندا آهن، هڪ ڀيري جڏهن گرو رجنيش اوشو کان پڇيو ويو ته اوهان جو پنهنجي ٻچڙن سان ڪيترو پيار آهي ته هن پنهنجي نيڻن کي ٿوري دير لاءِ بند ڪيو ۽ بعد ۾ آڪاس ڏانهن نهاريو ته ستارن ڏانهن نهاريندي سوال ڪندڙ کيس چيو گرو مون کي پنهنجي سوال جو جواب ملي چڪو آهي، تنهنڪري اهڙن ماڻهن جي مرڪ ۾ سموري ڪائنات سمايل هوندي آهي، هر دور ۾ انهن جا نالا تبديل ٿيندا رهندا آهن پر انهن جي سوچ جو محور ساڳيو ماڻهن جي دلين کي موهڻ وارو هوندو آهي.

سنت ساڌ رام جي جنم جو نالو جيتوڻيڪ جنارڌن هو پر تمام گهٽ ماڻهن کي انهيءَ نالي جي ڄاڻ هوندي، سندس جنم رهڙڪي ۾ 25 آڪٽوبر 1963 تي ٿيو، سندس جنم جي ڇهين ڏينهن تي کيس جيجل امڙ وڇوڙو ڏيئي وئي، پنهنجي ڌرمي سڀاءَ جي ڪري سندن ست سنگ Meditation جي وقت هڪ ئي وقت هزارين عورتون ۽ مرد موجود هوندا هئا، پر سڀني جي محبتن جو محور سندن شخصيت هوندي هئي، جڏهن لکين ماڻهن جي روح ۾ ڳالهيون پيهي وڃن ته انهيءَ رومانس جو ڪو نه ڪو سبب ته ضرور هوندو،گهوٽڪي ضلعي جي شانتي نڪيتن جهڙو واس ڏيندڙ هن گادي ۾ صرف ڌرمي آلاپ ٻڌڻ ۾ نه ايندا آهن پر انهيءَ سان گڏ هزارين غريبن جي صحت، تعليم، ڏاج ۽ ٻين ضرورتن جي حوالي سان پڻ سهائتا ٿيندي رهي ٿي، ڇاڪاڻ ته گذريل ڏيڍ سئو سالن کان انهيءَ ماڳ تي انهن روايتن جو تسلسل هلي رهيو آهي، جنهن جو بنياد سنت کوتا رام رکيو هو، بعد ۾ سندس سڀني کان ننڍي پٽ سنت سترام داس جي ڌام سان امن، سچائي ۽ پريت جي پيغام جو سفر وڌڻ شروع ڪيو، سنت سترام داس جو جنم 25 آڪٽوبر 1866 تي ٿيو ۽ سندن ديهانت 25 جنوري 1910 تي ٿيو، هي اهو دور هو جڏهن برٽش سامراج مذهبي نفرتن کي وڌائي ڇڏيو هو پر اهڙين سنتن ،صوفين،آدرشوادي ماڻهن جي درگاهن ۽ ٺڪاڻن جي ڪري نفرتن جي آڳ کي ٿڌو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا پئي ڪيو، انهيءَ درگاهه جي عظمت جو انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي رواداري،گيت ۽ سنگيت ۽جو يگانو ڪردار ڀڳت ڪنور رام سنت سترام داس جو سچو سيوڪ هيو، جنهن جو جنم 13 آڪٽوبر 1885 تي گهوٽڪي ضلعي جي تاريخي ڳوٺڙي جروار ۾ ٿيو هو، پر سندس والد جي رهڙڪي سان روحاني رغبت جي ڪري ڀڳت ڪنور رام جا قدم پڻ انهيءَ درگاهہ جي خوشبو تي ڇڪجي انهيءَ هنڌ پهتا، ڀڳت سنڌ ڌرتيءَ جو ڪمال جو ڪردار هو، جنهن جو رقص ۽ راڳ ماڻهن کي پنڊ پاهڻ ڪري ڇڏيندو هو، سندس جهولي ۾جيڪو به دان کيس ملندو هو ته انهيءَ لمحي ئي مسڪينن جي حوالي ڪندو هو، اهڙي سنڌ جي گيڙو ويس جي علامت واري شخص کي به انهيءَ دور ۾ مذهبي تعصب ۽ ڪٽرپڻي جي بنياد تي پهرين نومبر 1939 تي انهيءَ وقت گولين سان پروڻ ڪيو ويو جڏهن مانجهند کان ڀڳتي ڪرڻ بعد واپسي تي ٽرين ۾ اچي رهيو ته رڪ اسٽيشن تي هن 54 ورهين جي مختصر ڄمار ۾ پنهنجي نيڻن کي بند ڪري امرتا حاصل ڪري ڇڏي، سنت ساڌ رام اهڙي درگاهه جي سفر کي شاندار طريقي سان منزلن طرف روان دوان ڪيو ۽ اڄ جڏهن هو انهيءَ درگاهه تي پنهنجي وجود سان گڏ موجود ناهي پر هو پنهنجي واس سان سڀني جي دلين ۾ موجود رهندو ۽ انهيءَ ماڳ تي جڏهن به وڃڻ ٿيندو ته سندس مرڪ ۽ راحت ڀريو روپ ضرور ياد ايندو جيڪو سڀني نفرتن، ڪٽرپڻي ۽ مذهبي مت ڀيد کان تمام گهڻو پري هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.