ماهر هاڻي ان ڳالهه تي ڪافي حد تائين متفق آهن ته صدر ٽرمپ ايران تي حملي کان اڳ نه ڪنهن حڪمت عملي کي پرکيو ۽ نه ئي ايران جي تاريخ مان ڪو فائدو حاصل ڪيو. جيتوڻيڪ تاريخ شاهد آهي ته جن به سلطنتن ايران تي حملو ڪيو، اهي سڀ جون سڀ ختم ٿي ويون پر ايران اڄ به قائم آهي.
330 قبل از مسيح ۾ سڪندر اعظم فارس (موجوده ايران) تائين سوڀون حاصل ڪيون پر هو صرف 32 سالن جي عمر ۾ مري ويو ۽ سندس سلطنت هڪ نسل تائين به قائم رهي نه سگهي. صدر ٽرمپ به ان ئي دڳ تي هلي رهيو آهي، جنهن ڪري ايران شديد حملن جي باوجود وچ اوڀر ۾ هڪ مضبوط طاقت بڻجي اڀري رهيو آهي. ايران اهڙي طاقت بڻجڻ لاءِ ڪنهن جنگ جي شروعات ناهي ڪئي، بلڪه خود صدر ٽرمپ ايران تي اها جنگ مڙهي آهي.
ياد رهي ته ستر جي ڏهاڪي ۽ خاص طور تي ويٽنام جنگ کانپوءِ آمريڪا جڏهن قرضن ۾ ٻڏي ويو ته هن گولڊ اسٽينڊرڊ (سون جو معيار) ختم ڪري ڇڏيو، سعودي عرب سان معاهدو ڪري تيل جي قيمت ڊالرن ۾ مقرر ڪرائي ۽ ان جي بدلي ۾ سعودي عرب کي فوجي تحفظ ۽ هٿيار فراهم ڪيا. اهو هڪ اهڙو ماڊل هو جنهن کي بعد ۾ سمورن خليجي ملڪن به اپنائي ورتو، ائين 1974ع کان 2024ع تائين تيل ڊالرن ۾ وڪامڻ لڳو. ان سڄي دنيا ۾ 800 فوجي اڏا جوڙيا جنهن سان آمريڪي عالمي غلبي کي وڌيڪ طاقت ملي. اهو سڀ ڪجهه پيٽرو ڊالر جي طفيل ئي ممڪن ٿيو، ڇاڪاڻ ته هاڻي آمريڪا ڊالر ڇاپي پنهنجا خرچ پورا ڪري وٺندو آهي. پر 2026ع ۾ عالمي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ ڊالر جو حصو 57 سيڪڙو رهجي ويو آهي، جيڪو گذريل پنجاهه سالن جي گهٽ ۾ گهٽ سطح آهي. ان سان گڏوگڏ هن جنگ کانپوءِ تهران پاران هرمز جي پاڻياري (آبنائي هرمز) کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ٻين ڪرنسين ۾ ٽرانزٽ مقرر ڪرڻ سان آمريڪا جي عالمي مالي نظام لاءِ نوان خطرا پيدا ٿي ويا آهن، جنهن پيٽرو ڊالر جي بنيادي ٿنڀن يعني ڊالر ۾ تيل جي واپار ۽ نار جي ملڪن سان آمريڪا جي دفاعي لاڳاپن کي هڪ ئي وقت دٻاءُ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، جنهن سان خليجي ملڪن جو آمريڪا تي اعتماد گهٽجي رهيو آهي.
سعودي عرب به ويزن 2030 تحت دفاعي پيداوار کي مقامي طور تي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جيئن آمريڪا تي گهٽ ۾ گهٽ ڀاڙڻو پوي. ان سان گڏوگڏ ايم بريج (mBridge) پراجيڪٽ ۽ چين سان ڪرنسي سوائپ جي قدمن ذريعي مالي نظام کي متنوع (مختلف) بڻائي رهيو آهي، جنهن سان ڊالر ۽ سوئفٽ (SWIFT) جي نظام کي باءِ پاس ڪري سگهجي ٿو. روس ۽ ايران جهڙا عالمي پابندين جو شڪار ملڪ، جيڪي عالمي تيل جا 14 سيڪڙو ذخيرا رکن ٿا، اهي اڳي ئي ڊالر تان هٽي يوان، روبل ۽ ٻين ڪرنسين ۾ واپار ڪري رهيا آهن. اهي سڀ ساختي تبديليون، هن جنگ کان اڳ ئي پيٽرو ڊالر جي نظام جي بنيادن کي ڪمزور ڪري رهيون هيون ۽ هن جنگ انهن لاڙن کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي.
سوني تي سهاڳو اهو ٿيو جو پهرين مئي 2026ع کان گڏيل عرب امارات (UAE) اوپيڪ (OPEC) کان علحدگي اختيار ڪري ورتي آهي، جنهن آمريڪي ڊالر کي دنيا جي سڀ کان طاقتور ڪرنسي بڻايو هو. گڏيل عرب امارات هن نظام جي 65 سالن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو انحراف (انڪار) ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو اوپيڪ جو ٽيون سڀ کان وڏو تيل پيدا ڪندڙ ملڪ آهي. هن نظام هيل تائين پنهنجي اتحاد ذريعي عالمي نظام ۾ تيل جي بدلي ڊالر جي بالادستي کي قائم رکيو پئي آيو آهي. جيتوڻيڪ گڏيل عرب امارات اڃا تائين ڊالر کي ناهي ڇڏيو، پر اوپيڪ کان ڌار ٿي هن تيل کي ڊالر کان ڌار ڪرڻ جو اختيار پاڻ وٽ محفوظ ڪري ورتو آهي، جيڪو صدر ٽرمپ جي مٿي تي هڪ منڊلائيندڙ خطرو بڻجي ويو آهي. انهيءَ ڪري تازو ئي آمريڪا گڏيل عرب امارات کي هنگامي ڊالر سوائپ ڏنو آهي.
جيتوڻيڪ امارات وٽ 2 ٽريلين ڊالرن کان وڌيڪ جا آمريڪي اثاثا موجود آهن، پر جيئن ئي آبنائي هرمز کلندي ۽ امارات 2027ع تائين پنج ملين بيرل تيل روزاني ڪڍڻ جي قابل ٿي ويندو، ته نه صرف تيل جون قيمتون ڪرنديون پر اوپيڪ به مارڪيٽ کي ڪنٽرول ڪرڻ جي صلاحيتن کان محروم ٿي سگهي ٿو. جنهن کانپوءِ امارات پنهنجو تيل يوان، رپئي، درهم يا ڪرپٽو ۾ وڪڻي سگهي ٿو. بيڪر انسٽيٽيوٽ جي مطابق، اهڙي طرح امارات سالياني پنجاهه ارب ڊالرن کان وڌيڪ ڪمائي سگهي ٿو. ائين جيڪڏهن اها رقم ڊالر جي نظام کان ٻاهر هلي وئي ته اها آمريڪا جي عالمي غلبي واري پاليسين تي وڏو ڌڪ هڻي سگهي ٿي. ياد رهي ته 1973ع ۾ اوپيڪ تيل کي هٿيار طور استعمال ڪري پوري عالمي معيشت کي لوڏي ڇڏيو هو ۽ هاڻي پنجاهه سالن کانپوءِ هڪ نئون هٿيار استعمال ٿيڻ وڃي رهيو آهي، جنهن جو نشانو اهو مالي نظام بڻجي سگهي ٿو جنهن 1974ع کان آمريڪا جي عالمي برتري کي ممڪن بڻايو آهي.
مبصرن جو خيال آهي ته ان جنگ جي نتيجي ۾ آمريڪا جو عالمي غلبو ته ڪمزور ٿي سگهي ٿو پر آمريڪي سلطنت جو خاتمو ايترو سولو ناهي، ڇاڪاڻ ته اڄ آمريڪا تيل پيدا ڪندڙ سڀ کان وڏو ملڪ آهي ۽ جيڪڏهن هن وينزويلا جي تيل کي به پنهنجي ڪنٽرول ۾ برقرار رکيو ته هو اڪيلو عالمي سپلائي تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، جنهن سان تيل جو وڏو واپار ڊالر ۾ ئي ٿيندو رهندو. هارورڊ يونيورسٽي جي هڪ پروفيسر لکيو آهي ته آمريڪي صدرن جي پاليسين سان آمريڪي معيشت تي وڌيڪ اثر نٿو پوي، ڇاڪاڻ ته آمريڪي معيشت جو تقريبن 90 سيڪڙو حصو سڌي واپار تي ٻڌل آهي. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪا کي جنگين ۽ ٽيرف (محصولن) سان ڪمزور نٿو ڪري سگهجي، بلڪه پيٽرو ڊالر تي ڪاري ضرب لڳائڻ سان ئي آمريڪا جو اهو عالمي غلبو زوال پذير ٿي سگهي ٿو. دنيا جو تيزيءَ سان قابلِ تجديد توانائي جي ذريعن ڏانهن وڌڻ سان فوسل فيولز (تيل ۽ گئس) تي ڀاڙڻ گهٽ ٿيندو ۽ ائين ٽئين دنيا جي ملڪن کي وڏي پيماني تي ڊالر ذخيرو ڪرڻ جي ضرورت به گهٽ کان گهٽ ٿيندي ويندي.