مشهور اداڪارا ميرا چيو آهي ته نون آرٽسٽس کي سيکارڻ تي يقين رکندي آهي، فلم سائيڪو ۾ ڪردار ادا ڪرڻ آسان نه هو.
رپورٽ موجب ڪراچي پريس ڪلب تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اداڪارا ميرا چيو ته جڏهن به ڪراچي ايندي آهي ته هتي ماڻهن جو پيار ملندو آهي.
هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته مصطفيٰ قريشي سندس استاد آهي ۽ جڏهن به نئين فلم ايندي آهي ته هوءَ ڪراچي ضرور ايندي آهي، سندس ڪوشش هوندي آهي ته فلم ۾ بهتر ڪم ڪري.
اداڪارا چيو ته نون آرٽسٽس کي سيکارڻ تي يقين رکندي آهي، سڀين کي گڏ کڻي هلڻ آسان ناهي هوندو، سڄي دنيا ۾ فلم ”سائيڪو“ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، فلم سپر هٽ ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته فلم سائيڪو ۾ ڪردار ادا ڪرڻ آسان نه هيو، فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي، هن فلم جو ٻيو پارٽ (2) ڪراچي ۾ ڪيو ويندو.