اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 1.3 ارب ڊالر قسطن جي منظوري ڏيندي واضح ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ شين جي اگهن ۾ لاٿ چاڙهه جي صورتحال دوران پاڪستان کي پيٽرول، بجلي ۽ گيس جون مقامي قيمتون اصل لاڳت موجب برقرار رکڻيون پونديون، جڏهن ته غريب ۽ ڪمزور طبقي کي هدف تحت امداد فراهم ڪئي ويندي.
رپورٽ موجب آءِ ايم ايف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته توانائي شعبي ۾ سڌارا انتهائي ضروري آهن، جڏهن ته ڪرپشن روڪڻ وارن ادارن کي مضبوط بڻائڻ، سرڪاري ادارن جي نجڪاري ۽ ڪاروباري ماحول ۾ غيرضروري رڪاوٽن ۽ ضابطن جي خاتمي جهڙن ڍانچي وارين سڌارن کي وڌيڪ تيز ڪرڻو پوندو. عالمي مالياتي اداري موجب 2027ع ۾ پاڪستان جي جي ڊي پي واڌ جي شرح 3.5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته 2026ع ۾ بنيادي بجيٽ سرپلس جي ڊي پي جي 1.6 سيڪڙو برابر ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب جون 2026ع تائين مٽا سٽا جا ذخيرا 17.5 ارب ڊالر تائين پهچي سگهن ٿا، جڏهن ته مهانگائي جي شرح ٻيهر وڌي 8.4 سيڪڙو تائين وڃڻ جو امڪان آهي.
آءِ ايم ايف موجب عالمي سطح تي ضروري شين جي وڌندڙ ۽ غيرمستحڪم قيمتن جي ماحول ۾توانائي شعبي جي مالي صورتحال ۾ آيل تازي بهتري برقرار رکڻ لاءِ ضروري آهي ته پيٽرول، بجلي ۽ گيس جون قيمتون اصل لاڳت موجب مقرر ڪيون وڃن، جڏهن ته ڪمزور واهپيدارن کي هدف تحت امداد ڏني وڃي. اداري چيو ته خرچن ۾ گهٽتائي ۽ نااهلين جي خاتمي لاءِ سڌارن جو سلسلو جاري رکڻ سان توانائي شعبي جي پائيداري برقرار رهندي ۽ پاڪستان جي مقابلي جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو.
رپورٽ موجب آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسلٽي (EFF) تحت ٽئين جائزي ۽ ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسلٽي (RSF) تحت ٻئي جائزي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن بعد پاڪستان کي فوري طور تقريبن 1.1 ارب ڊالر ۽ 22 ڪروڙ ڊالر جاري ڪيا ويندا. اهڙي ريت ٻنهي پروگرامن تحت پاڪستان کي هيل تائين مجموعي طور تقريبن 4.8 ارب ڊالر ملي چڪا آهن.
آءِ ايم ايف موجب وچ اوڀر ۾ جاري جنگ باوجود پاڪستاني اختيارين سڌارن واري پروگرام تي مضبوط نموني عملدرآمد جاري رکيو، جنهن سبب معاشي استحڪام برقرار رهيو ۽ ٻاهريون مالي حالتون بهتر ٿيون. اداري چيو ته وچ اوڀر جي جنگ مان پيدا ٿيندڙ اثرن پاڪستان لاءِ مضبوط معاشي پاليسيون جاري رکڻ ۽ پائيدار ترقي لاءِ ڍانچي وارين سڌارن کي تيز ڪرڻ جي اهميت وڌيڪ وڌائي ڇڏي آهي.
آءِ ايم ايف موجب پاليسي ترجيحن ۾ معاشي استحڪام برقرار رکڻ، سرڪاري ناڻي کي مضبوط بڻائڻ، مقابلي ۽ پيداواري صلاحيت ۾ واڌ، سماجي تحفظ ۽ انساني وسيلن جي بهتري، سرڪاري ادارن جي سڌارن، عوامي خدمتن ۾ بهتري ۽ توانائي شعبي جي بحالي شامل آهن. اداري وڌيڪ چيو ته پاڪستان لاءِ 37 مهينن تي ٻڌل اي ايف ايف پروگرام، جنهن جي منظوري 25 سيپٽمبر 2024ع تي ڏني وئي هئي، ملڪ جي معيشت کي مستحڪم بڻائڻ ۽ پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ تيار ڪيو ويوهو.