يوٽيوب ايپ ۾ هڪ دلچسپ تبديلي اچي وئي

يوٽيوب پاران موبائيل ايپ ۾هوم ۽ سبسڪرپشن فيڊز لاءِ نئين يوزر انٽرفيس تي تجربا جاري آهن.

رپورٽ موجب ان جو مقصد واهپيدارن لاءِ لاڳاپيل مواد جي ڳولا کي آسان بڻائڻ آهي. ان تبديلي جو تجربو اڃا محدود واهپيدارن لاءِ ڪيو ويو آهي. ان تبديلي جي دوران ايپ جي اندر فيڊز جي موجوده پوزيشن کي سوئچ ڪيو ويندو. ڪمپني کي اميد آهي ته ان سان مواد تائين فوري رسائي ملي ويندي.

رپورٽ موجب يوٽيوب پاران ٻڌايو ويو ته اسان سبسڪرپشن فيڊ جي موجوده پوزيشن کي تبديل ڪري ان کي نيويگيشن بار کان اسڪرين جي مٿان منتقل ڪري رهيا آهيون ته جيئن نئين سوائپ ايبل سبسڪرپشن ۽ هوم فيڊ جو تجربو ٿي سگهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪمپني جو چوڻ آهي ته هو ٻين فيڊز جهڙوڪ موويز اينڊ ٽي وي کي منتقل ڪرڻ تي تجربو به ڪري رهيا آهن جيئن مختلف قسم جي مواد تائين رسائي هڪ جاءِ تي ملي سگهي.

يوٽيوب پاران اها نئين تبديلي نئين لي آئوٽ ۾ ڪئي ويندي، جڏهن ته ايڪسپلور مينيو اسڪرين ريفريش يا مٿان اسڪرولنگ ڪندي نظر ايندا.

ڪمپني موجب اڃا ان تبديلي جو تجربو سڄي دنيا ۾ اينڊرائڊ ۽ آءِ او ايس جي محدود واهپيدارن تائين آهي.

ان تجربي کانپوءِ ان کي سمورن واهپيدارن لاءِ فراهم ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.