سنڌي ادبي سنگت عورت شاخ ڪراچي پنهنجي يونٽ قائم ٿيڻ جي ٻي سالگرهه جي موقعي تي آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي سهڪار سان سڀاڻي 9 مئي ڏينهن ڇنڇر تي جيڪا ”سنڌي ادبي عورت ڪانفرنس“ ڪرائي رهي آهي تنهن جي نه رڳو اسان آجيان ڪيون ٿا پر ان عورت ڪانفرنس کي عورتن جي آزادي ۽ خودمختياري جي حسين خواب جي ساڀيان به سمجهون ٿا.
ايئن جيئن حيدر آباد ۾ سنڌ جي باشعور عورت اڳواڻن امر سنڌو، عرفانه ملاح، حسين مسرت وغيره واري ٽيم خانه بدوش ادبي ڪيفي قائم ڪري پنهنجي جوهر ۾ سنڌي عورتن جو پهريون ادارو قائم ڪيو هو. ۽ ان خانه بدوش ڪيفيءَ جڏهن سنڌ ۾ ”اياز ادبي ميلي“ جي نالي ۾ پهريون ادبي ميلو ڪرائي تاريخ ساز ڪم ڪري ڏيکاريو هو. اهو عمل جديد دور ۾ عورتن جي اٿاهه سياسي، سماجي، ادبي، تاريخي شعور جو مظهر هو ۽ آهي. ان ادبي ميلي ذريعي اسان جي باشعور نياڻين ثابت ڪيو ته هاڻي اهي سنڌ جي اڳواڻي ۽ رهنمائي لاءِ تيار آهن. حقيقت ۾ ڏسجي ته ڪافي سالن کان لاڳيتو ۽ ريڪارڊ ڪاميابي سان ڪرايل اياز ميلو سنڌ جي ساڃاهه وند عورتن جي خودمختياري صلاحيتن، ثابت قدمي ۽ مستقل مزاجي جو جهولندڙ پرچم بڻجي ويو آهي.
اها به حقيقت مڃڻي پوندي ته گذريل ڏهن سالن ۾ اسان جي مردن ۽ نوجوان ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ سنڌي عورت جملي شعبن ۾ مردن کان گهڻو اڳتي نڪري آئي آهي. جڏهن ته مرد ۽ نوجوان ڇوڪرا عورتن جي ڀيٽ ۾ هڪ جاءِ تي بيٺل نظر اچن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اهڙين باصلاحيت عورتن ڏانهن ساڙ ۽ حسد جو رويو به چوٽ چڙهي ويو آهي ۽ هاڻي اهي عورتن جي شعور ۽ صلاحيتن جي عملي ڊوڙ کي روڪڻ جي نمايان ڪوششون ڪن ٿا جيئن اياز ادبي ميلو کي هر سال نشانو بڻايو ويندو آهي ته جيئن اياز ميلي جون منتظمين عورتون همت هاري ڀڄي وڃن. کين ڀڄائڻ جو سبب اياز ادبي ميلو بند ڪرائڻ کان وڌيڪ سنڌي سماج ۾ سندن ليڊر ٿيڻ، خودمختيار ۽ آزاد ٿيڻ واري رفتار کي روڪڻ آهي جنهن ۾ پدري نظام جا پوئلڳ پاڻ کي ڪمزور ۽ پٺتي پيل محسوس ڪن ٿا. اهي عورتن کي پنهنجو ليڊر ٿيندي ڏسي نٿا سگهن پر عورتن جي وڌندڙ تعليم ۽ شعور جي برق رفتاريءَ انهن پسمانده ۽ تنگ ذهن رکندڙ مردن کي تمام گهڻو پوئتي ڪري ڇڏيو آهي.
اها به حقيقت آهي ته پٺتي پيل سماجن ۾ عورتن کي اڳتي آڻڻ ۽ خود مختيار بڻائڻ وارين ابتدائي ڪوشش ۾ ترقي پسند ۽ جمهوري سوچ وارن مردن جي سهڪار کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. پر اهڙن مردن جو انگ، عورت دشمن مردن جي تعداد کان اڃان به گهٽ آهي. اسان ته اهو به لکندا رهيا آهيون ته سنڌ ۾ حقيقي تبديلي تڏهن ايندي جڏهن سنڌي عورتن کي برابري جي بنياد تي سنڌ جي بقا ۽ ترقيءَ ۾ واري جدوجهد پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ڏنو ويندو. پر هاڻي عورتن پاڻمرادو به اهڙو اجتماعي ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو آهي.
خانه بدوش ڪيفي کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت واري تنظيم اندر ڪراچي ۾ عورتن جي جيڪا ڌار شاخ قائم ڪئي وئي آهي سان جيتوڻيڪ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪز جي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي ڪم ڪري ٿي پر ان اهو مثال ضرور قائم ڪيو آهي ته سنڌ ۾ عورتن جو ادبي، سماجي، تاريخي، سياسي ۽ سماجي شعور ايڏو وڌي ويو آهي جو اهي ادبي سنگت ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ٿي شريڪ ٿيڻ بدران تعداد جي حساب سان ڌار به ڪا شاخ قائم ڪري ۽ هلائي سگهن ٿيون. اسان سمجهون ٿا ته ڊاڪٽر عابده گهانگهرو جهڙي نظرياتي ليکڪا ۽ دانشور جو سنڌي ادبي سنگت عورت شاخ جي سيڪريٽري ٿيڻ درست جاءِ تي درست ماڻهو جو اچڻ آهي ۽ اهو ئي هر مسئلي جو حل آهي ته درست جاءِ تي درست ماڻهن کي آندو وڃي. عابده گهانگهرو نه رڳو ڪراچي جي عورتن جي ادبي شاخ جي بانيڪار سيڪريٽري بڻي آهي پر عورتن جي هن شاخ کي ڪيئن هلائجي تنهن جو روڊ ميپ به ڏنو آهي جيڪو يقينن مستقبل ۾ ان عهدي تي ايندڙ عورتن لاءِ مشعل راهه به هوندو.
ڪو زمانو هو جڏهن سنڌي اديبن ۽ دانشورن لاءِ اهو وڏي خواب مثل هو جيڪو اڄ ساڀيان ٿي چڪو آهي. اڄ عورتن جي اها ادبي شاخ مرڪز سميت سنڌ جي اڪثر شاخن کان وڌيڪ سرگرم آهي ۽ هاڻي اها هن سال جي پهرين وڏي ادبي ڪانفرنس ڪندي ثابت ڪري رهي آهي ته هيءَ شاخ پنهنجي جوهر ۾ هڪ وڏي اداري کي سمايو ويٺي آهي جنهن جو مظاهرو اها سڀاڻي ڪندي.
اسان سنڌي ادبي سنگت عورت شاخ ڪراچي جي ان سرگرمي کي صرف ۽ صرف ادبي ڪانفرنس تائين محدود نٿا سمجهون پر ان ڪانفرنس کي سنڌي عورتن جي مجموعي تحفظ، خودمختياري، آزادي، ترقي ۽ سنڌ جي اڳواڻي ڪرڻ ڏانهن هڪ پيش قدمي سمجهون ٿا. اڄ جڏهن سنڌ ۾ عورتن جو روز قتل ٿئي ٿو ۽ سندن تحفظ جو سنگين معاملو ڳڻتي جوڳو بڻجي ويو آهي، تعليمي ۽ ٻين ادارن ۾ عورتن جي هراسمينٽ جا واقعا چوٽ چڙهي ويا آهن ۽ سنڌ حڪومت سندن تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي ته اتي عورتن جو ڪنهن پليٽ فارم تان متحد ٿي اڳتي اچڻ جي اهميت ۽ ضرورت اڃان وڌي وڃي ٿي.
سڀاڻي ٿيندڙ عورتن جي ادبي ڪانفرنس نالي ۾ ته ادبي ڪانفرنس آهي پر اها ادبي ڪانفرنس پنهنجي جوهر ۾ اڄ جي سنڌي سماج ۾ عورتن جي مجموعي سياسي، سماجي ۽ ادبي جائزو هوندي جيڪا آخر ۾ اهڙي نتيجي تي پهچندي جنهن ۾ سنڌ جي عورتن جي تحفظ، حقن، ترقي، خودمختياري ۽ آزادي جو فيصلائتو موڙ ثابت ٿيندي ۽ اهو ئي خواب آ جنهن جي ساڀيان ڏانهن پيش قدمي ٿي چڪي آهي.