ڪاروڪاري هڪ بليڪ ميلنگ انڊسٽري آهي

مهناز رحمان

اڄڪلهه وري ميڊيا ۾ ڪارو ڪاري جا ڏکوئيندڙ ۽ وڌندڙ واقعا سامهون اچي رهيا آهن. ۽ مان سوچي رهي آهيان ته ستر واري ڏهاڪي کان اڳ ڪراچي جي رهواسي هجڻ جي حيثيت سان مون ته ڪارو ڪاري جو نالو به نه ٻڌو هو. انهن ڏينهن ۾ سبط حسن جي ادارت هيٺ پاڪستاني ادب نالي هڪ رسالو نڪرندو هو. ان ۾ سعيده گزدر جي ڪهاڻي لالي شايع ٿي، جيڪا ڪارو ڪاري جي رواج بابت هئي. تڏهن اسان کي خبر پئي ته اسان جي ملڪ ۾ نام نهاد غيرت جي نالي تي ڇوڪرين جون جانيون ورتيون وڃن ٿيون.

وقت گذرندو رهيو، ضياءُ الحق جي آمريت دوران 1981ع ۾ وومين ايڪشن فورم جو قيام عمل ۾ آيو ته عورت ايڪٽوسٽن تفريقي قانونن خلاف جدوجهد ڪرڻ سان گڏ ڪارو ڪاري جهڙين رسمن ۽ رواجن خلاف به آواز بلند ڪرڻ شروع ڪيو. نفيسه شاهه ۽ عطيه دائود سنڌ ۾ گهمي ڪارو ڪاري بابت تحقيق ڪئي ۽ مضمون لکيا. اڳتي هلي نفيسه شاهه، شهناز شورو ۽ ٻين عورتن ڪارو ڪاري جي موضوع تي پنهنجا پي ايڇ ڊي مقالا پڻ لکيا. 2006ع ۾ ڊاڪٽر طاهره خان جو ڪتاب Beyond Honour منظرعام تي آيو. سندس چوڻ هو ته ڪارو ڪاري خاص طور سنڌ جو مسئلو ناهي، اهو مختلف نالن ۽ مختلف صورتن ۾ نه صرف پاڪستان پر ڏکڻ ايشيا، وچ اوڀر، ايتري تائين جو لاطيني آمريڪا ۾ به موجود آهي. اهو هڪ مقامي، علائقائي ۽ عالمي سطح جو چئلينج آهي.

1995ع ۾ جڏهن مون عورت فائونڊيشن لاءِ ڪم شروع ڪيو ته ڪاوڪاري بابت وڌيڪ ڄاڻڻ جو موقعو مليو. سکر ۾ اسان سان گڏ ڪم ڪندڙ هڪ نوجوان اهڙو به هو، جنهن جي ننڍپڻ ۾ سندس اکين اڳيان سندس ماءُ کي ڪاري قرار ڏئي قتل ڪيو ويو هو. لاڙڪاڻي ۾ هڪ ايڪٽوسٽ سان ڪارو ڪاري بابت ڳالهه ٿي ته هن چيو: جڏهن ڇوڪرين کي خبر آهي ته انهن کي قتل ڪيو ويندو، ته پوءِ ڇوڪرن سان مُرڪي ڳالهائين ڇو ٿيون؟ ۽ مان حيران ٿي ان شخص جو چهرو ڏسندي رهجي ويس.

جيڪڏهن ڪو مون کان پڇي ته ڪارو ڪاري ڇا آهي؟ ته مان چونديس ته اها هڪ بليڪ ميلنگ انڊسٽري آهي. ڪنهن سان دشمني ڪڍڻي هجي، ڪنهن کان پئسا وصول ڪرڻا هجن، يا ڪنهن جي ڇوڪريءَ جو رشتو وٺڻو هجي ته سندن ڪنهن ڇوڪريءَ تي پنهنجي برادري جي ڪنهن ڇوڪريءَ سان غلط لاڳاپن جو الزام لڳائي جرڳو ويهاري ڇڏيو. سڀني جو فائدو ٿيندو، سواءِ ان ڇوڪريءَ جي، جنهن تي الزام لڳائي کيس ڪاري قرار ڏئي موت جي منهن ۾ ڌڪيو ويندو. ڇوڪرو عام طور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي.

سنڌ پوليس جي انگن اکرن موجب 2025ع ۾ ڪارو ڪاري جي نتيجي ۾ 152 ماڻهو ماريا ويا. انهن مان 132 عورتون ۽ 20 مرد هئا. سالن تائين نام نهاد غيرت جي نالي تي قتل ڪندڙن کي ان ڪري گهٽ سزا ملندي رهي، جو چوندا هئا ته هنن اهو قتل اشتعال ۾ اچي ڪيو هو، ڪنهن رٿابندي تحت نه ڪيو هو. 2016ع ۾ غيرت جي نالي تي قتل خلاف قانون ته ٺهي ويو، پر پوءِ به قصاص ۽ ديت جو سهارو وٺي ماڻهو بچي ويندا هئا. قنديل بلوچ جي قتل کان پوءِ ان کي Non-compoundable جرم قرار ڏنو ويو. هاڻي والدين معاف به ڪري ڇڏين ته به رياست مقدمي ۾ ڌر بڻجي ٿي.

تازو ئي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هڪ پٺيان ٻين ڇوڪرين کي نام نهاد غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ جا واقعا سامهون آيا ته نسرين جليل ڪراچي پريس ڪلب ۾ دخترانِ ڪراچي جي پليٽ فارم تان ڪارو ڪاري بابت هڪ سيمينار ڪرايو، ۽ ساڳئي ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن به اسيمبلي ۾ اتر سنڌ ۾ انهن واقعن ۾ واڌ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.