اولهه بنگال ۾ جمهوريت کي ڪمزور ڪندڙ شدت پسندي ۽ عسڪريت پسندي

حامد مير

اسان هڪ  آتش فشان جي منهن تي بيٺا آهيون. اسان جي قدمن هيٺ زمين اندر وڏي گڙٻڙ هلي رهي آهي. ان گڙٻڙ جو پتو لڳائڻ لاءِ زمين سان ڪن لڳائڻ جي ضرورت آهي، پر اسان جي گهڻي توجهه زمين مٿان جاري افراتفري تي آهي. زمين مٿان جيڪا گڙٻڙ هلي رهي آهي، ان جو زمين هيٺ هلندڙ گڙٻڙ سان تمام گهرو تعلق آهي. اسان کي رڳو اها باهه نظر اچي ٿي، جيڪا نفرت جي صورت ۾ انسانن جي دلين ۽ دماغن ۾ ڀڙڪي رهي آهي. ان باهه جو نتيجو جنگ، جهيڙي ۽ قتل و غارت جي صورت ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي، پر جيڪو  آتش فشان زمين هيٺ موجود آهي، اهو رڳو ڪنهن هڪ قوم يا ملڪ نه، پر سڄي خطي ۽ سڄي دنيا جي تباهيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

هن  آتش فشان کي سمجهڻ لاءِ اچو ته پاڙيسري ملڪ ڀارت جي رياست مغربي بنگال ڏانهن هلون. ڀارت کي دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت چيو وڃي ٿو، پر ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سپريم ڪورٽ آف انڊيا ۽ اليڪشن ڪميشن آف انڊيا جي مدد سان مغربي بنگال ۾ چونڊون کٽي، ڪولڪتا ۾ به جمهوريت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو.مغربي بنگال ۾ ترنمول ڪانگريس جي ممتا بينرجي 2011ع کان وزيراعليٰ هئي. هن مغربي بنگال جي 27 سيڪڙو مسلم آبادي ۽ 23 سيڪڙو دلت آبادي جي مدد سان اتي بي جي پي جو رستو روڪي رکيو هو. بي جي پي جي مرڪزي حڪومت مسلمان ۽ دلت ووٽرن کي غير مؤثر بڻائڻ لاءِ هڪ ڊگهي منصوبابندي ڪئي.

سڀ کان پهرين سٽيزن شپ ايڪٽ 2019ع ذريعي لکين مسلمانن جي شهريت ختم ڪئي وئي. جيڪي باقي بچيا، انهن جا نالا ووٽر لسٽن مان خارج ڪيا ويا. اولهه بنگال جي تازي چونڊن ۾ ووٽر لسٽن مان 90 لک کان وڌيڪ مسلمان ۽ دلت ووٽر ڪڍيا ويا ۽ 7 لک نوان ووٽر شامل ڪيا ويا. مختلف حلقن کي نشانو بڻائي ووٽر لسٽن ۾ اهڙيون تبديليون ڪيون ويون، جو مغربي بنگال جي 294 مان 207 سيٽون بي جي پي کي ڏنيون ويون. جڏهن ووٽر لسٽن ۾ هيرا ڦيري ٿي، ته ممتا بينرجي سپريم ڪورٽ وئي، پر اتان به کيس انصاف نه مليو. بي جي پي اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ سان گڏ ميڊيا کي به ترنمول ڪانگريس خلاف استعمال ڪيو. ترنمول ڪانگريس جي چونڊ شڪست کان پوءِ بي جي پي ۽ آر ايس ايس مغربي بنگال جي مختلف شهرن ۾ مسلمانن تي حملا شروع ڪري ڏنا آهن.

انهن حملن جو نتيجو ڇا نڪرندو؟ مغربي بنگال جي 27 سيڪڙو مسلم آباديءَ جا نوجوان آر ايس ايس جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عسڪريت جو رستو اختيار ڪندا. جماعت المجاهدين بنگلاديش اڳ ئي مغربي بنگال ۽ آسام ۾ سرگرم آهي، هاڻي ان کي وڌيڪ افرادي قوت ملي ويندي.

هن جماعت جي ڪارروائين جو الزام بنگلاديش تي لڳايو ويندو. ڀارت ۽ بنگلاديش جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ وڌندي. بي جي پي جي پاليسين سبب سڄي ڀارت ۾ مسلمان اڳ کان وڌيڪ غير محفوظ ٿي ويندا. والاريل ڄمون ڪشمير ۾ به ظلم وڌندو ۽ ظلم خلاف مزاحمت به وڌندي. ان مزاحمت جو الزام به پاڪستان تي لڳايو ويندو.ڀارت طرفان افغانستان جي رستي پاڪستان ۾ مداخلت وڌندي ۽ اهڙيءَ طرح پاڪستان ۽ افغانستان جا لاڳاپا به خراب ٿيندا. ڀارت ۾ جمهوريت جي ڪمزور ٿيڻ سبب جيڪا گڙٻڙ پکڙبي، اها باهه بڻجي سڄي خطي کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيندي. جمهوريت جي ڪمزوريءَ مان پيدا ٿيندڙ مسئلن جو حل آمريت يا مطلق العناني ناهي.

هاڻي ٿورو غور ڪريو ته مغربي بنگال جي چونڊن بابت عالمي ميڊيا جيڪو ڪجهه چئي رهيو آهي، ڇا اهو ئي ڪجهه 2024ع ۾ پاڪستان جي چونڊن بابت نه چيو ويو هو؟ اڄ جيڪي الزام اليڪشن ڪميشن آف انڊيا ۽ سپريم ڪورٽ آف انڊيا تي لڳايا پيا وڃن، ڇا اهڙا ئي الزام پاڪستان ۾ انهن ادارن تي نه لڳندا رهيا؟ وقت گذرڻ سان گڏ پاڪستان جي نام نهاد آزاد ميڊيا ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ بابت تنقيد گهٽ ٿيندي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته ڀارت جيان پاڪستان ۾ به ميڊيا تي رياستي ڪنٽرول وڌي ويو آهي.

هاڻي اچو ته ان آتش فشان ڏانهن، جنهن تي اسان کي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هي آتش فشان دراصل اها شدت پسندي ۽ عسڪريت آهي، جيڪا جمهوري ادارن جي ڪمزوريءَ سبب اسان جي نوجوانن ۾ پکڙجي رهي آهي. گذريل ڏينهن چارسده جي نامور عالم دين مولانا شيخ محمد ادريس کي دهشتگرديءَ جو نشانو بڻايو ويو. شيخ محمد ادريس خيبرپختونخوا اسيمبلي جا اڳوڻا ميمبر هئا. هو عسڪريت بدران سياسي جدوجهد جا قائل هئا. ڪجهه عرصي کان کين ڌمڪيون ڏنيون پئي ويون ته جمهوريت ۽ آئين جي حمايت ڇڏي ڏين. سندن ڪجهه شاگرد به کانئن پڇندا هئا ته جنهن جمهوريت ۾ انصاف نه هجي ۽ جنهن آئين کي طاقتور ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان استعمال ڪن، ان جمهوري نظام جي حمايت جو ڪهڙو فائدو؟شيخ محمد ادريس ڌمڪين باوجود سياسي ۽ جمهوري جدوجهد جي حمايت جاري رکي ۽ آخرڪار گولين جو نشانو بڻجي ويا.

حسب معمول سندن ٽارگيٽ ڪلنگ جو تعلق به افغانستان سان ٻڌايو پيو وڃي، پر سوال اهو آهي ته اسان جي نوجوانن کي ايتري آسانيءَ سان گمراهه ڇو ڪيو وڃي ٿو؟ هي صرف پاڪستان جو مسئلو ناهي. اڪثر مسلم ملڪن جي نوجوانن ۾ شدت پسندي تيزيءَ سان پکڙجي رهي آهي.

گذريل هفتي مون کي استنبول ۾ مختلف مسلم ملڪن جي ظلم هيٺ آيل ۽ گهربل اڳواڻن سان ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه جو موقعو مليو. انهن مان ڪجهه اهڙا به هئا، جن سياسي جدوجهد ڇڏي هٿياربند جدوجهد جو رستو اختيار ڪيو آهي. انهن اڳواڻن جو چوڻ هو ته جڏهن سندن جمهوري ادارا غير مؤثر ٿي ويا، تڏهن پنهنجي بقا لاءِ انهن بيلٽ بدران بلٽ جو رستو اختيار ڪيو. ان حوالي سان بار بار مصر جي مثال ڏني وئي، جتي ووٽ جي طاقت سان محمد مرسي اقتدار ۾ آيو، پر مغربي طاقتن فوجي بغاوت ذريعي سندس حڪومت ختم ڪري ڇڏي، جنهن کان پوءِ محمد مرسي جا ڪيترائي حامي نوجوان شدت پسند تنظيمن سان لاڳاپيل ٿي ويا.پاڪستان جون حالتون مصر کان مختلف آهن، پر هتي به جمهوري نظام اندر رهي سياسي جدوجهد جي حمايت ڪندڙ عالمن کي نشانو بڻائڻ جا واقعا وڌي رهيا آهن. اهي واقعا اسان کي ان  آتش فشان جو پتو ڏئي رهيا آهن، جيڪو اڃا زمين هيٺ آهي. اهو اسلام آباد، لاهور يا ڪراچي ۾ ويهي شايد گهڻو نظر نه اچي، پر جيڪڏهن توهان پشاور يا ڊيره اسماعيل خان وڃو ته زمين هيٺ  آتش فشان جون خوفناڪ آوازون ٻڌي سگهندا.

جيڪڏهن توهان ڪوئيٽا يا تربت وڃو، ته توهان کي زمين ۾ اهي ڏار به نظر ايندا، جن مان  آتش فشان جو لاوا نڪري تباهي مچائي سگهي ٿو. هي ساري گڙٻڙ جمهوري ادارن جي ڪمزوري سبب وڌي رهي آهي.جيڪڏهن اسان پاڪستان جي اقتدار وارن سان انهن معاملن تي ڳالهه ڪيون، ته هو چوندا ته اليڪشن ڪميشن، سپريم ڪورٽ ۽ ٻيا سڀ ادارا قانون موجب ڪم ڪري رهيا آهن، سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي. سندن موقف آهي ته سموري گڙٻڙ ڀارت ۽ افغانستان طرفان ٿي رهي آهي. ايران، عراق، مصر، ترڪي، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا سميت اڪثر مسلم ملڪن جون حڪومتون به اهو ئي چون ٿيون ته سندن سڀ معاملا ٺيڪ آهن. ڪو به جمهوري ادارن جي ڪمزوري ۽ اظهار جي آزاديءَ تي پابندين سبب نوجوانن ۾ وڌندڙ بيچينيءَ جي سببن جو جائزو وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

في الحال ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ هن بيچيني ۽ نفرت کي ڪجهه حد تائين روڪي رکيو آهي، پر جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ اها بيچيني ڪيترن اهم مسلم ملڪن لاءِ چئلينج بڻجي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته دشمن ان بيچينيءَ کي اسان کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ لاءِ استعمال ڪندو. تنهنڪري زمين سان ڪن لڳائي  آتش فشان جي آواز ٻڌڻ ۾ ڪو به حرج ناهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.