افغانستان سان ڪنهن قسم جي عارضي جنگبندي ناهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته افغانستان سان ڪنهن به قسم جي عارضي جنگبندي ناهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب عيد جي موقعي تي رڳو 3 ڏينهن جو وقفو هو، جيڪو ختم ٿي ويو هو ۽ موجوده صورتحال کي جنگبندي قرار ڏيڻ درست ناهي.
هن چيو ته پاڪستان افغانستان سرحدي صورتحال تي برطانوي موقف زميني حقيقتن جي مڪمل عڪاسي نٿو ڪري، افغانستان طرفان سرحد پار دهشتگردي ۽ دراندازي جون ڪوششون جاري رهيون ۽ مارچ ۾ پاڪستان جي جنگبندي قدمن باوجود افغانستان مان حملا جاري رهيا.
ترجمان چيو ته افغان طالبان جي بنا سبب سرحد پار فائرنگ ۽ دهشتگرد ڪارروائين ۾ 52 شهري شهيد، 84 زخمي ٿيا، جڏهن ته افغانستان طرفان شهري مارجڻ جا الزام بي بنياد آهن.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستان افغانستان مان دراندازي جون ڪيتريون ئي ڪوششون ناڪام بڻايون، دهشتگردي جي اصل سببن کي نظرانداز ڪرڻ غير متوازن موقف جي عڪاسي آهي، عالمي برادري علاقائي صورتحال ۽ پاڪستان جي قربانين کي تسليم ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.