هن جون اکيون ٻه غارون هيون، جنهن ۾ هيءَ ساري ڪائنات سمايل هئي، هو جڏهن ڳالهائيندو هو ته ماحول پنڊ پهڻ ٿي ويندو هو، هن جي چهري جا تاثر ڏسي لڳندو هيو ته هو اداڪاري ته ڪري ئي نه پيو، جيئن ئي ڪئميرا آن ٿيندي هئي هو ان ۾ غرق ٿي ويندو هو، هو ڪردارن کي جيئندو هو، تڏهن ته هن جا ڪردار ڏسندڙن کي منڊي ڇڏيندا آهن، کيس مڪالمن جي گهرائيءَ ۽ لفظن جي قدر جي ڀلي ڀت ڄاڻ هئي، هو اهو ڄاڻندو هو ته ڪنهن مهل ڪهڙي لفظ کان ڪيترو ۽ ڪهڙو ڪم وٺڻو آهي.
ٻاراڻي وهِيءَ ۾ مٿن چڪرورتي کي ڏسي هن کي الائي ڇو لڳو هو ته هو به هيرو بڻجي سگهي ٿو!
ننڍي لاڪون کان ئي هن جي ٻن ڪمن ۾ دلچسپي رهي، هڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ ٻيو فلمون ڏسڻ.
هو ڏاڍيون فلمون ڏسندو هيو ۽ فلمون به وري نصيرالدين شاهه جون، ائين هڪ ڏينهن هو ڀارتي رياست راجسٿان جي ننڍڙي شهر ٽونڪ مان وڏن خوابن جي ڀري کڻي نيشنل اسڪول آف ڊراما (اين ايس ڊي) پڳو، اهو سال هو اڻويهه سئو چوراسي.
اين ايس ڊي هڪ اهڙو ادارو آهي، جنهن کي جديد ڀارتي ٿيٽر جو معمار مڃيو وڃي ٿو، هن اداري جو بنياد سال 1959ع ۾ پنڊت جواهر لال نهروءَ جي حڪومتي دور ۾ سنگيت ناٽڪ اڪادمي جي انتظام هيٺ رکيو ويو هو ۽ پوءِ ان کي دهلي جي تاريخي ”بهاولپور هائوس“ (بهاولپور رياست جي نواب جي رهائشگاهه) ۾ منتقل ڪيو ويو.
هتي عرفان فن ۽ فنڪارن تي ٿيوريون پڙهيون، هو ان اداري مان ڪڙهي نڪتو هو جتي ڪڏهن ابراهيم الڪازي جي سرپرستي ۾ نصيرالدين شاهه، اوم پوري، پنڪج ڪپور، انوپم کير ۽ رتنا پاٺڪ جهڙن فنڪارن جي کيپ تيار ٿي هئي، جن اڳتي هلي ڀارتي سئنما ۽ ٿيٽر جي تاريخ بدلائي ڇڏي.
چون ٿا ته هو دهليءَ مان پڙهائي پوري ڪري ڪم جي ڳولا ۾ دهليءَ ۽ ممبئيءَ جي پروڊڪشن هائوسز جا چڪر ڪاٽيندو وتندو هو، ڪڏهن ڪٿان ڪو آسرو ملندو هوس ته ڪڏهن ڪو مختصر ڪردار، پر هو مايوس نه ٿيو، رڙهندو رهيو.
اٽڪل ٻن ڏهاڪن تائين ٽي وي کان فلمن تائين هن کوڙ مختصر توڙي ناڪاري ڪردار ڪيا، 22 فلمن کان پوءِ نيٺ سال 2003ع ۾ عرفان کي وشال ڀردواج جي مقبول فلم ملي هئي.
اها ڪيڏي نه شرم جوڳي ڳالهه آهي ته هيڏو سارو عرصو انڊسٽريءَ ۾ گهاريندڙ باصلاحيت عرفان کي هندي سئنما ۾ تمام گهٽ موقعا مليا.
پر پوءِ وشال ڀردواج ۽ تگمنشو ڌوليا سڀ ڪسرون پوريون ڪري ڇڏيون، وشال جي ”مقبول“ کان مقبوليت ماڻيندڙ عرفان، تگمنشو ڌوليا جي فلم ”پان سنگهه تومر“ ۾ هڪ باغي/ڌاڙيل جي روپ ۾ نظر آيو هو.
جنهن نموني هو فلم ”پان سنگهه تومر“ ۾ ڌاڙيل جي ڪردار ۾ معصوميت، اٻوجهائپ، پيڙا، تذليل ۽ بغاوت جو احساس ساڻ کڻي هلي ٿو، اهو ڪم ڪو غير معمولي فنڪار ئي ڪري سگهيو ٿي.
فلم جو هڪ ڊائيلاگ ڏاڍو مشهور ٿيو هو ته: ”هجوم ۾ باغي هوندا آهن، ڌاڙيل ته پارليامينٽ ۾ ويٺا آهن،“ ان ڪردار تي کيس قومي اعزاز سان نوازيو ويو.
جنهن انڊسٽريءَ ۾ ڪيئي اداڪار اسٽار يا سپر اسٽار جيئن نظر اچڻ لاءِ جتن ڪندا آهن، اتي عرفان بنهه مست ملنگ ڪردار هيو، هن کي ڪنهن شيءِ جي پرواهه يا گهرج ئي نه هئي، هن شعوري طور ڪڏهن به ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ جي ڪوشش نه ڪئي، پر تنهن هوندي به هو جڏهن به ڪنهن فلم جي ننڍڙي سين ۾ به نظر آيو، ڏسندڙن تي پنهنجو اثر ڇڏي ويو، پوءِ اهو وشال ڀردواج جي فلم ”حيدر“ ۾ ”روح دار“ وارو ڪردار هجي يا ميرا نائير جي فلم ”سلام بمبئي“ ۾ خط لکندڙ نوجوان.
”بلو باربر“ ۾ ساڻس شاهه رخ خان مک ڪردار ۾ هو پر اڄ به جڏهن ان فلم جو ذڪر ٿئي ٿو ته ماڻهن جي ذهن ۾ بِلو (عرفان خان) جا نقش ئي اُڀرڻ لڳن ٿا.
”دي ڪلر“ ۾ توڻي جو ولن هو، پر اِهو ڪردار هيرو کان به سگهارو هيو، سڄي رات عمران هاشميءَ سان ٽيڪسيءَ تي دبئيءَ جي روڊن تي ڦرندو پنهنجا ٽارگيٽ اچيو ڪندو رهيو، ان فلم جو هڪڙو سين ڏاڍو وڻندڙ جڏهن هو عمران هاشميءَ کي ڳوليندي ڳائيندو آهي: ”ذرا سامني تو آ او ڇليئي!“
”چاڪليٽ“ ۾ جاچ آفيسر (انيل ڪپور) کي جڙتو ڪهاڻي ۾ منجهائڻ هجي يا ”مداري“ ۾ منجهيل نظام کي ڌونڌاڙڻ، هن سڀ ڪم چڱيءَ ريت ڪري ڏيکاريا.
زندگيءَ جي آخري پهرن ۾ هن ”جذبا“، ”ڪاروان“، ”قريب قريب سنگل“، ”لنچ باڪس“، ”پيڪو“، ”هندي ميڊيم“ جهڙين فلمن ۾ ڪم ڪيو، هر فلم ۾ مختلف ڪردار ۾ وڌيڪ نکري نروار ٿي بيٺو.
عرفان به پنهنجي وڏڙن جي ورثي کي اڳتي وڌايو هو، شايد هو ان آرٽ سلسلي جي آخري ڪڙي هو!
هن ملڪي حدون اورانگهي عالمي سطح تي به پاڻ مڃايو. هو انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن فنڪارن منجهان هو، جن کي اولهندي سئنما ۾ ”ڀارتي“ بدران ”عالمي اداڪار“ طور مڃتا ملي.
سندس عالمي سفر آصف ڪپاڊيا جي برطانوي فلم ”دي وارئير“ کان شروع ٿيو، ميرا نائر جي فلم ”دي نيم سيڪ“ ۾ مهاجر پيءُ ”اشوڪ گنگولي“ واري ڪردار ۾ ته اولهه جي نقادن کي به دنگ ڪري ڇڏيائين، ان کانپوءِ ”سلم ڊاگ ملينئر“ جي ڪاميابي کيس عالمي شهرت ڏني.
پوءِ ته هڪ سلسلو شروع ٿي ويو، هو ”لائف آف پاءِ“، ”دي اميزنگ اسپائيڊر مين“ ۽ ”جراسڪ ورلڊ“ جهڙين وڏين فلمن جو حصو بڻيو.
”انفرنو“ ۾ مشهور هالي ووڊ اداڪار ٽام هينڪس سان گڏ ڪم ڪندي هن ثابت ڪيو ته هو ڪنهن به وڏي اسٽار کان گهٽ ڪونهي.
ٽام هينڪس چيو هو ته: ”هو ڀارتي اداڪار جي جادوئي اکين جي سحر ۾ جڪڙجي ويو آهي،“
زندگي مختصر آهي ۽ هن مختصر زندگيءَ ۾ گهڻو ڪجهه ڪرڻ ٿي چاهيو.
هن سئنما سان واڳيل ماڻهن کي سيکاريو هو ته فن سان ڪيئن ملهائجي.
هن آرٽ فلمن ذريعي انهن موضوعن کي امرتا بخشي هئي، جيڪي تاريخ جي دز ۾ دفن ٿي ويا هئا.
هو ته محبت ڪندڙ دلين جو ترجمان هو.
ڪنهن کي پردي تي احساسن جي صورت ڏسڻي هجي ته هو عرفان کي ڏسي.
هو جن اهنجن سان جهيڙي رهيو هو، اهي سڀ هن هڪ خط ۾ سمائي ڇڏيا هئا، کيس لنڊن جي اسپتال جي سامهون لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ نظر ايندو هو، توڙي جو ان کي ”هوم آف ڪرڪيٽ“ چيو ويندو آهي، پر عرفان ان کي پنهنجي خوابن جو ”مڪو“ ڪوٺيو هو.
عرفان خان کي پنهنجي ڪم سان ڏاڍو لڳاءُ هو ۽ ائين محسوس ٿيندو هو ته هو آخر تائين اداڪاري ڪرڻ چاهي ٿو.
هن جي صحت فلم ”انگريزي ميڊيم“ جي شوٽنگ دوران ئي بگڙي وئي هئي.
عرفان ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندو پئي ويو ۽ ڪيئي موقعن تي سندس حالت کي نظر ۾ رکندي شوٽنگ ملتوي ڪرڻي پئي.
چون ٿا کيس سيٽ تي غير معمولي سيءُ ٿيندو هو، جنهن سبب سندس ڪپڙن ۾ واڌو تهه ۽ پيڊنگ شامل ڪئي وئي هئي، وزن تيزيءَ سان گهٽجي رهيو هوس، ۽ پوءِ هو جيون جو سارو ٿڪ کڻي گهريءَ ننڊ ۾ هليو ويو، هو چوندو هو ته: ”فن جون ڪي به سرحدون نه هونديون آهن،“ ۽ هن پنهنجي ڪم ذريعي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو. ائين لوڪ ڪهاڻين جي ديس ۾ جنم وٺندڙ اهو شخص، جيڪو ڪهاڻي سلڻ جو فن پڻ ڄاڻندو هو، پاڻ هڪ لوڪ ڪهاڻي بڻجي ويو!
You might also like