لاهور سان ڀيٽ درست ناهي، ڪراچي کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ وڏو پيسو کپي: مرتضيٰ وهاب

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته برسات ۾ ڪراچي جا روڊ به ٻن کان ٽن ڪلاڪن ۾ صاف ٿي وينديون آهن، سياسي ڇڪتاڻ ۾ لاهور ۽ ڪراچي جو مقابلو ڪرڻ مناسب ناهي، هڪ ٻئي جو مقابلو ڪرڻ بدران اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ڪراچي کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ گهڻي پيسي جي ضرورت آهي.
مرتضيٰ وهاب وفد سان گڏ لاهور ۾ واسا هيڊ آفيس جو دورو ڪيو، پنجاب جي هائوسنگ واري وزير بلال ياسين سان گڏ ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان واسا لاهور سان معاهدو ڪري رهيا آهيون، واسا لاهور جي حڪمت عملي اختيار ڪنداسين، سڄي دنيا ۾ شهر هڪ ٻئي سان پنهنجا انتظامي تجربا شيئر ڪندا آهن، اسان هڪ ٻئي جي تجربن مان پنهنجي شهرين جي خدمت ڪري سگهون ٿا.
مرتضيٰ وهاب چيو ته بلال ياسين کي ڪراچي اچڻ جي دعوت ڏيان ٿو، لاهور زندهه دل ماڻهن جو سرسبز شهر آهي، زميني حقيقتن کي ڏسندي لاهور ۽ ڪراچي جو مقابلو مناسب ناهي، ڪراچي اچو ۽ اسان جا ڪجهه منصوبا ڏسو، پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو ۽ مسلم ليگ ن مريم نواز جي ويزن تي ڪم ڪري رهي آهي، اسان پاڻي کي صنعتي استعمال ۾ آڻڻ جي منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهيون، مٺي پاڻي کي محفوظ ڪري شهرين تائين پهچائڻ وارو منصوبو به جاري آهي، واسا لاهور ٽيرف وڌايو آهي اسان ناهي وڌايو.
ان موقعي تي بلال ياسين چيو ته پنهنجا تجربا شيئر ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، برسات هجي يا ڪو ٻيو مسئلو، واسا ڪراچي سان ڀرپور سهڪار ڪندو، مرتضيٰ وهاب ڪراچي جي 3 ڪروڙ ماڻهن جي ڀلائي جي جذبي سان لاهور آيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان هڪ ڪمري ۾ ويهي سڄي پنجاب جي نگراني ڪري سگهون ٿا، لاهور سميت سڄي صوبي کي سيف سٽي ڪنٽرول روم ذريعي مانيٽر ڪيو وڃي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.