ڀارت سان جنگ ۾ پاڪ فضائيا طرفان چيني جهازن ذريعي رافيل سميت ڀارتي جنگي جهاز ڪيرائڻ کانپوءِ چيني ڪمپني جي جهازن جو وڪرو ٻيڻو ٿي ويو.
آمريڪي رسالي بلوم برگ موجب جهاز ٺاهيندڙ چيني ڪمپني اي وي آءِ سي چينگڊو ايئرڪرافٽ ڪارپوريشن جو هلندڙ سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ وڪرو تقريبن ٻيڻو ٿي ويو.
رسالي موجب گذريل سال ڪمپني جي آمدني 16 سيڪڙو وڌي 11 ارب ڊالر رهي، جڏهن ته منافعو 6.5 سيڪڙو وڌيو، جيڪو ڪمپني جي تاريخ جو بلند ترين منافعو آهي.
رپورٽ موجب ڪمپني جا سنگل انجڻ ملٽي رول J-10 ويڙهاڪ جهاز گذريل سال مئي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگ دوران استعمال ٿيا، جنهن ۾ پاڪستاني فضائيا انهن جهازن سان فرانسيسي رافيل جهازن سميت ڪيترائي ڀارتي جهاز ڪيرايا.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهو تڪرار انهن موقعن مان هڪ هو، جڏهن جديد چيني هٿيارن جو حقيقي جنگي حالتن ۾ تجربو ڪيو ويو، ڀارت به جنگ دوران جهازن جي نقصان جو اعتراف ڪيو پر تباهه ٿيندڙ جهازن جو انگ نه ٻڌايو ويو.
پاڪ فضائيا طرفان ڀارتي جهاز ڪيرائڻ کانپوءِ چيني جهازن جي هاڪَ، وڪرو ٻيڻو ٿي ويو
You might also like