ٽرمپ،ايران کان هٿيار ڦٽا نٿو ڪرائي سگهي:وينڊي شرمين

واشنگٽن(عوامي آواز نيوز) آمريڪا جي اڳوڻي نائب پرڏيهي وزير وينڊي شرمين چيو آهي ته ٽرمپ جيڪڏهن ايران کان مڪمل هٿيار ڦٽائڻ جي اميد رکي ٿو ته اهو ڪڏهن به ممڪن نه ٿيندو، بلومبرگ ويڪ اينڊ شو ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته جاري ڳالهين ۾ جيڪڏهن ٽرمپ چاهي ٿو ته ايران مڪمل طور تي هٿيار ڦٽا ڪري  ڇڏي، ته اهڙو ڪجهه به نه ٿيندو۔هن چيو ته جڏهن آمريڪا ايران جي  چونڊيل وزيراعظم کي هٽائي شاهه آف ايران جي حڪمراني قائم ڪئي ته ان جو نتيجو 1979ع جي انقلاب جي صورت ۾ نڪتو، ۽ مزاحمت جي اها ثقافت اڄ تائين برقرار آهي۔سندس چوڻ موجب جڏهن به ٽرمپ ايران تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ايران وڌيڪ سختي سان مقابلو ڪري ٿو،هن وڌيڪ چيو ته ٽرمپ کي جيڪي رعايتون آساني سان ملڻ جي اميد آهي، اهي اهڙي ريت حاصل نه ٿينديون۔هن چيو ته ايران ڪڏهن به يورينيم جي افزودگي جي پنهنجي حق تان دستبردار نه ٿيندو، هاڻي ممڪن آهي ته عارضي طور ان کي روڪي، پر مڪمل طور تي نه ڇڏيندو۔سندس چوڻ هو ته ايران پنهنجي اتحادي گروهن سان لاڳاپا به مڪمل طور ختم نه ڪندو، البته ڪجهه حد تائين گهٽائي سگهي ٿو۔هن وڌيڪ چيو ته ايران پنهنجو ميزائل پروگرام به ختم نه ڪندو، پر شايد ڪجهه حد تائين ان کي محدود ڪرڻ تي راضي ٿي سگهي ٿو۔هن  جو چوڻ هو ته ٽرمپ جو انداز گهڻو ڪري واپار ۽ فوري فائدي تي ٻڌل آهي، جيڪو اهڙي پيچيده معاملي ۾ ڪامياب نه ٿيندو۔هن چيو ته کيس ڪا جامع حڪمت عملي نظر نٿي اچي ۽ اهو به واضح ناهي ته ٽرمپ آخر ڪهڙي ڳالهه کي ڪاميابي سمجهي ٿو۔قدامت پسند آمريڪي رسالي  دي بل وارڪ به چيو آهي ته ٽرمپ هڪ سپر پاور جي خود تباهي جو سبب بڻجي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.