ڪراچي (لياقت راڄپر) سنڌ جي سياسي صورتحال ۾ وڏي تبديليءَ جا آثار نظر اچي رهيا آهن، جنهن ۾ فنڪشنل ليگ ۽ جي ڊي اي جي اڳواڻن پاران پيپلز پارٽي جا لڳ ڀڳ 50 ميمبر رابطي ۾ هجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. گذريل 17 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙ پيپلز پارٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي لاڳاپن ۾ مبينا ويڇن کانپوءِ اها ڳالهه گردش ڪري رهي آهي ته راولپنڊي ۽ بلاول هائوس وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي چڪا آهن، جنهن جو سڌو فائدو مخالف ڌر کي ملڻ جو امڪان آهي. فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ سيد محمد راشد شاهه راشدي جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جا ڪيترائي چونڊيل نمائندا ۽ اهم شخصيتون وفاداريون تبديل ڪرڻ لاءِ تيار آهن، جنهن سان صوبي ۾ هڪ وڏو سياسي اپ سيٽ ٿي سگهي ٿو. تجزيي نگارن موجب، 28 هين آئيني ترميم تي پيدا ٿيندڙ اختلافن ۽ پارٽي اندر نظرانداز ٿيل اڳواڻن جي بيچينيءَ معاملي کي وڌيڪ هٿ ڏنو آهي. ٻئي طرف، جي ڊي اي اڳواڻن نئين سياسي صف بندي جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته هو سنڌ جي سياست ۾ نئين سر تحرڪ لاءِ تيار آهن، جنهن سان ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر صوبائي سياست ۾ وڏي هلچل جو امڪان آهي. هن سڄي صورتحال ۾ سنڌ ڪابينا جي اندروني حالت به انتهائي پيچيده ٿي چڪي آهي، جتي وزيرن جي ڌار ڌار کچڙي پڪل آهي ۽ هر ڪو پنهنجي نموني سان نظام هلائي رهيو آهي. صدر آصف علي زرداري کي ڪابينا جا مختلف ميمبر مختلف طريقن سان هينڊل ڪري رهيا آهن. انهن مان ڪجهه وزيرن جا سڌا سنوان لاڳاپا انهن قوتن سان آهن جيڪي صدر زرداري کي اقتدار ۾ کڻي آيون هيون. صدر زرداري ان حقيقت کان چڱي ريت واقف آهي ته جيڪڏهن سياست ۾ پن ڇڻ جي موسم آئي ته اهي ساٿي سندس وفادار نه رهندا ۽ ساٿ ڇڏي ويندا.
فنڪشنل ليگ کي ماڻهو گڏ ڪرڻ جو حق آهي، شوق پورو ڪن:نادر مگسي
قمبر شهدادڪوٽ (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ نادر مگسي چيو آهي ته خطي ۾ جنگ جي خاتمي ۽ امن امان جي بحالي لاءِ چين ۽ پاڪستان جو ڪردار انتهائي اهم آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته صدر جو چين وارو دورو سفارتي لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿي، جڏهن ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين لاءِ فيلڊ مارشل ۽ وزيراعظم اڳڀرائي ڪري رهيا آهن، ان ڪري ميڊيا کي بي بنياد ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، هن چيو ته جڏهن ڳالهين ۾ ڪو ٺاهه ٿيندو ته صدر سان صلاح ڪئي ويندي. مخالف ڌر جي تحرڪ بابت سوال جي جواب ۾ نادر مگسي چيو ته فنڪشنل ليگ سميت هر پارٽي کي حق آهي ته هو سياست ڪري، پر پيپلزپارٽي جا وزير ۽ ميمبر ساڻن گڏ هجڻ جون ڳالهيون رڳو هوائي آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو گڏ آهي ته مخالف انهن جا نالا ظاهر ڪن، رڳو دعائن سان ڪجهه نه ٿيندو. پيپلزپارٽي جي گذريل 17 سالن جي ڪارڪردگي بابت سندس چوڻ هو ته اسان جيترا ترقياتي ڪم ڪيا آهن، عوام پاڻ ان جي ڀيٽ ڪري سگهي ٿو. وفاقي حڪومت جي تبديلي واري فارمولي کي رد ڪندي هن چيو ته وفاق ۾ اڍائي سالن واري ڪا به ڳالهه ناهي، بلوچستان ۾ شيون مختلف هيون پر اتي به حالتون تبديل ٿينديون رهنديون آهن.
”چور دروازي“ کان اقتدار ۾ ايندڙن جي ڪا اهميت ناهي: راشد محمود
ڪنڊيارو (ن ع آ) جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل راشد محمود سومرو چيو آهي ته ملڪ ۾ اهڙا ماڻهو به اربين رپين جا مالڪ بڻجي ويا آهن، جن کي اڳ ڪو سڃاڻيندو به نه هو، جيڪو بدعنواني ۽ ناانصافي جو واضح مثال آهي، ڪيترين ئي پيڙهين کان زميندار رهندڙ ماڻهن تي ٻڪري چوري جهڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن جيڪو انتهائي افسوسناڪ ۽ شرمناڪ عمل آهي ۽ سنڌ جي حڪمرانن کي اهڙي صورتحال تي شرم اچڻ گهرجي،ڪرپشن جو خاتمو ڪري غريب عوام کي فوري رليف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) خاموش نه ويهندي ۽ عوام جي حقن لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي، ڪنڊيارو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سنڌ، خيبر پختونخواهه، بلوچستان سميت پاڪستان جي سمورن شهرن ۾ امن امن لاءِ ۽ عالمي جارحيت خلاف 19، 20 ۽ 21 مارچ 2027 تي سکر ۾ ٽن ڏينهن وارو عالمي امن اجتماع منعقد ڪيو ويندو، ايران-آمريڪا ڳالهين واري معاملي تي اسٽيبلشمينٽ، پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ جي يو آءِ پڻ آن بورڊ آهن، جڏهن ته ”چور دروازي“ سان اقتدار ۾ ايندڙن جي ڪا اهميت ناهي شايد تنهن ڪري ئي هنن کي ان ڳالهين عمل کان پري رکيو ويو آهي، اسان ڪنهن به ڳجهي رستي نه پر عوامي طاقت وسيلي اقتدار ۾ اچڻ تي يقين رکون ٿا.
راشد شاهه راشدي پنهنجن ماڻهن تي نظر رکي: صادق ميمڻ
ٺٽو (عوامي آواز نيوز)پيپلزپارٽي ايم اين اي صادق ميمڻ چيو آهي ته راشد شاهه راشدي صاحب پنهنجن ماڻهن تي نظر رکي، سڀني کي اليڪشن ۾ خبر پئجي ويندي، پيپلزپارٽي ضلعي ٺٽي جي عهديدارن جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي صادق علي ميمڻ چيو ته پيپلزپارٽي جي هر وقت تيار هوندي آھي اليڪشن ويجهي اچي ته خبر پئجي ويندي، باقي فنڪشنل ليگ هجي يا ٻيون ڦوڪون ڏيندڙ ھجن معلوم ناهي ته انهن کي ڪير خبرون ٿو ڏي جو اوچتو ظاهر ٿي ڦوڪون ڏيڻ بعد غائب ٿي وڃن ٿا، فنڪشنل ليگ جو راشد شاهه راشدي صاحب محترم آھي هُو پنهنجي پاسي کي ڏسي پيپلزپارٽي جو فڪر نه ڪري، پيپلزپارٽي ڪو به ماڻهو ڪيڏانهن نه پيو وڃي، راشد شاهه راشدي صاحب کي پنهنجن ماڻهن تي نظر رکڻ گهرجي.
سنڌ ۾ مخالفن خلاف انتقامي ڪارروايون ڳڻتي جوڳو عمل آهي: ڪاشف ســعيــد
ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته سنڌ حڪومت طرفان مخالفن خلاف انتقامي ڪاررواين ۾ اوچتي تيزي ظاهر ڪري ٿي ته ”دال ۾ ضرور ڪجهه ڪارو“ آهي، حافظ نعيم الرحمان جي قيادت ۾ جماعت اسلامي جي ”بدلايو نظام-سنواريو سنڌ کي“ جي تحريڪ هاڻي عوام جي دلين جي آواز بڻجي چڪي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوره هالا ۾ ميرپورخاص ۽ نوابشاهه ڊويزن جي گڏيل ليڊرز ورڪشاپ کي صدارتي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته شهري انتظاميه جي غفلت سبب روشنين جو شهر ڪراچي ڪچري جي ڍير ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، پيٽرول اگهن ۾ وڌيڪ واڌ جو اعلان عوام جي زخمن تي لوڻ ڇٽڻ جي برابر آهي، موجوده حڪمران ٽولي جي عوام ۽ ملڪ دشمن پاليسين عام ماڻهو جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، حڪومت فوري طور پيٽروليم ليوي ختم ۽ پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ واڌ واپس وٺي.