اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪميٽي جبري پورهئي ذريعي تيار ڪيل شين جي درآمد تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
اي سي سي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، جن جو مقصد معيشت ۾ استحڪام، عوامي رليف ۽ مختلف شعبن جي بهتري آهي.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح گهٽجڻ ۽ اگهن ۾ استحڪام تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.
پڌرائيءَ موجب ضروري شين خاص طور ٽماٽي، بصر، اٽي، ٿوم ۽ کنڊ جي اگهن ۾ لاٿ جو رجحان برقرار آهي، جنهن کي حڪومتي قدمن جو هاڪاري نتيجو قرار ڏنو ويو.
ڪميٽي جبري پورهئي ذريعي تيار ڪيل شين جي درآمد تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته گوادر جي ڊونڪي سلاٽر هائوس مان گڏهه جي گوشت ۽ کلن جي برآمد بابت تجويزون به منظور ڪيون ويون.
You might also like