نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان، وياج جي شرح ۾ واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي.
مانيٽري پاليسي ڪميٽي جي فيصلي موجب وياج جي شرح ۾ 100 بيسز پوائنٽس جي واڌ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ اها شرح 10.50 سيڪڙو مان وڌي 11.50 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.
معاشي تجزئي نگارن موجب ان واڌ جو وڏو ڪارڻ وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ آهي، جنهن سبب تيل اگهن ۾ واڌ ٿي ۽ عالمي سطح تي معاشي غير يقيني صورتحال پيدا ٿي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ان فيصلي جا اثر مهانگائي تي به پوندا، ڇو ته تيل اگهن ۾ واڌ سڌي ريت عام واهپي جي شين جي اگهن کي متاثر ڪري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.