هالا (ويب ڊيسڪ) ھالا ڀرسان ماڇي برادريءَ ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو ۽ پيشي تي ويندي ٻه نوجوانن کي گوليون ۽ ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪيو ويو.
پوليس موجب واقعو ھالا پراڻو روڊ تي پيش آيو، جنهن ۾ نياز علي عرف جھنگل ۽ علي گل ماڇي مارجي ويا، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن
مقتول نوجوانن جي وارثن علي شير ۽ ساجن ماڇي سميت ٻين تي الزام هنيو آهي ته هڪ سال اڳ ٿيل قتل جي پلاند ۾ حملو ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي.
You might also like