ڪراچي، 70 ڏينهن اندر 7 ماڙ عمارت تيار!

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي لياري ۾ غيرقانوني طور صرف 70 ڏينهن اندر 7 ماڙ عمارت تعمير ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو، جيڪا انساني جانين لاءِ وڏي خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿي، غيرقانوني تعمير ۽ انساني جانين کي خطري ۾ وجهڻ خلاف شهري زاهد حسين سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪندي درخواست داخل ڪئي، درخواست ۾ سنڌ حڪومت، ايس بي سي اي، اينٽي انڪروچمينٽ ۽ لينڊ ڊپارٽمينٽ کي ڌر بڻايو ويو، جڏهن ته بلڊرن شاهه جهان ۽ شاهه نواز کي پڻ شامل ڪيو ويو، عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته لياري جي علائقي آگرا تاج ۾ مرزا آدم خان روڊ تي پلاٽ نمبر 25 تي غيرقانوني طور عمارت تعمير ڪئي وئي آهي، درخواست گذار موجب  بلڊرن صرف 70 ڏينهن اندر 7 ماڙ عمارت اڏي ڇڏي آهي جيڪا ايس بي سي اي ۽ ٻين قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي تعمير ڪئي وئي آهي، جڏهن ته تعمير ۾ ناقص مٽيريل پڻ استعمال ڪيو ويو آهي، هن غيرقانوني عمارت کي ڊاهيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.