هائوس جاب وارن لاءِ اهم خبر، پي ايم اينڊ ڊي سي وڏو قدم کڻي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ايم اينڊ ڊي سي بنا لائسنس هائوس جاب ڪندڙن خلاف سرگرم ٿي ويو آهي.
پي ايم اينڊ ڊي سي هائوس جاب ۾ داخلا لاءِ نيون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، پي ايم اينڊ ڊي سي عارضي لائسنس کانسواءِ داخلا تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي.
هدايتن موجب، هڙئي ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ادارا بنا لائسنس ڪنهن کي به هائوس جاب نه ڏين، هائوس جاب لاءِ عبوري لائسنس يا آن لائن درخواست جي تصديق لازمي آهي.
پي ايم ڊي سي موجب، ڀڃڪڙي جي صورت ۾ لاڳاپيل اسپتالن ۽ ادارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.