فخر زمان جي شاندار سينچري، لاهور قلندرز جي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز سخت مقابلي بعد 9 رنسن تان شڪست

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سُپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي يارهين ايڊيشن جي 30 هين ميچ ۾ سخت مقابلي کانپوءِ لاهور قلندرز ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي نوَ رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
لاهور قلندرز طرفان مليل 198 رنسن جي هدف جي پٺيان ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 188 رنسون ٺاهي سگهي.
ڪوئيٽا طرفان ريلي روسو 62 ۽ شمائل حسين 53 رنسن سان نمايان رهيا، سعود شڪيل 17 ۽ خواجه نافع 12 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
لاهور قلندرز جي حارث رئوف 2 جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي، عبيد شاهه، سڪندر رضا ۽ اسامه مير هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
ان کان اڳ قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيل ميچ ۾ لاهور قلندرز ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز خلاف ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 197 رنسون ٺاهيون.
لاهور قلندرز طرفان فخر زمان 51 بالن تي تي 103 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، چيراٿ اسالنڪا 31، ڊينيئل سيمز 18 جڏهن ته عبدالله شفيق 14 رنسون ٺاهيون.
گليڊيئيٽرز جي خليل احمد 2، ابرار احمد، بريٽ هيمپٽن ۽ عثمان طارق هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.