لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت، اسحاق ڊار جي سهڪار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي تاريخي ڪردار سبب پاڪستاني سائي پاسپورٽ جي عزت بحال ٿي رهي آهي.
مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف جي صدارت هيٺ گلگت بلتستان پارلياماني بورڊ جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار شرڪت ڪئي.
اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته گلگت بلتستان کي مسلم ليگ ن کان وڌيڪ ڪير ڄاڻي ٿو، مسلم ليگ ن گلگت بلتستان ۾ خدمت ڪئي آهي.
هن چيو ته مسلم ليگ ن هر شعبي ۽ هر محاذ تي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، وفاق ۽ پنجاب ۾ وڌي چڙهي ڪم ٿي رهيو آهي، ٻين صوبن کي به پيروي ڪرڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته 15 سالن کان ڪي پي ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڇا ڪو سک جو ساهه کڻي رهيو آهي؟ خيبرپختونخوا ۾ 15 سالن کان اقتدار ۾ موجود پارٽي ڪهڙو فلاحي ڪم ڪري رهي آهي، خيبرپختونخوا جو عوام صحت جي سهولتن کان محروم آهن.
نواز شريف چيو ته سفارتي سطح تي پاڪستان جو نالو بلند ٿيو آهي، 1998ع کانپوءِ اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت، اسحاق ڊار جي سهڪار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي تاريخي ڪردار سبب پاڪستاني سائي پاسپورٽ جي عزت بحال ٿي رهي آهي، ملڪ لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪيو پيو وڃي، الله پاڪستان کي عزت ڏئي رهيو آهي.