ڪراچي/سکر (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته شهباز حڪومت جي پهرين ٻن سالن دوران قرض وڌي ويو آهي، مهانگائي سبب عوام پريشانين ۾ وٺجي ويو آهي، سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جو خاتمو جرڳن ذريعي نه پر قانون جي حڪمراني ۽ ڏوهارين کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائڻ ذريعي ٿيندو، هڪ طرف بجلي ۽ گئس جي بلن جي وڏي پئماني تي وصولي جي باوجود بدترين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، ٻئي طرف وچ اوڀر ۾ جنگ کي به آمدني جو ذريعو بڻايو ويو آهي، سکر ۾ ٻن ڏينهن جي ليڊرشپ ورڪشاپ ۾ خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته هڪ طرف پيپلز پارٽي جي حڪومت محفوظ عورتون، مضبوط پاڪستان جو نعرو لڳائي ٿي، پر ٻئي طرف اعليٰ تعليمي ادارن کان وٺي شهرن ۽ ڳوٺن تائين انهن کي عورتن لاءِ قتل عام ۾ تبديل ڪيو ويو آهي جتي ڪا به عورت محفوظ ناهي، جنهن جو تازو مثال ٽنڊي مستي جي روبينا چانڊيو ۽ هالا جي شمائله چانڊيو آهن، سرڪاري خزاني مان صرف اميرن کي گلابي اسڪوٽيون ڏنيون پيون وڃن، جڏهن ته مستحق عورتن کي محروم رکيو پيو وڃي.