ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سنڌ جي بهادر نياڻي ام رباب چيو آهي ته مان عورت ايڪشن فورم ڪراچي چيپٽر جي اڳواڻن جو انتهائي شڪرگذار آهيان، جن اڄ مون کي ٻڌو، منهنجو درد محسوس ڪيو ۽ مون سان همدردي جو اظهار ڪيو،هن چيو ته عورت ايڪشن فورم ڪراچي چيپٽر جو ڪردار تمام شاندار ۽ جدوجهد قابلِ تعريف رهي آهي.عورت اڳواڻن سان ملاقات ڪري مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي. ڪجهه سوال ۽ جواب به ٿيا. هي ملاقات عورت ايڪشن فورم ڪراچي جي ميمبرن سان ٿي، جنهن ۾ اسان جي ڪجهه ڀينرن آن لائين به شرڪت ڪئي،هن چيو ته مون کي اميد آهي ته عورت ايڪشن فورم ۽ سماج جي هر ان طبقي مان مون کي هميشه سهڪار ملندو، جيڪو ظلم جي خلاف آهي، خاص طور تي اهي طبقا جيڪي ظالماڻي ۽ سخت وڏيرا شاهي ۽ سرداري نظام جي خلاف آهن.منهنجي هي جدوجهد زندگي جي آخري ساهه تائين جاري رهندي. توهان سڀني جو تمام گهڻو شڪريو.