بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، فتنه الخوارج جي ونگ ليڊر سوڌو ٻه دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز بنون ۾ آپريشن ڪري فتنه الخوارج جي انتهائي گهربل ونگ ليڊر سميت 2 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز بنون ۾ خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو جنهن دوران سخت فائونگ جي ڏي وٺ ۾ 2 خارجي مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگردن وٽان آپگهاتي جيڪٽ، هٿيار ۽ گولا بارود به هٿ ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشگردن ۾ خارجي ونگ ليڊر وحيد الله عرف مختيار ۽ هڪ آپگهاتي بمبار شامل آهي، خارجي ونگ ليڊر وحيد الله عرف مختيار دهشتگردي جي ڪيئي ڪارروائين ۾ ملوث رهيو ۽ انتهائي گهربل دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل هو.
پڌرائي موجب، خارجي ونگ ليڊر سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن ۽ بيگناهه شهرين جي شهادتن ۾ ملوث هو، خارجي ليڊر وحيد 21 فيبروري 2026 تي بنون ۾ آپگهاتي حملي جو مرڪزي سهولتڪار پڻ هو، بنون حملي جي نتيجي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل گل فراز شهيد ٿيو هو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن ذريعي ان مڪروهه فعل جو پلاند وٺي مک جوابدار کي انجام تائين پهچايو ويو، سيڪيورٽي فورسز وقتائتي ڪارروائي سان هڪ وڏي سانحي کي به ناڪام بڻايو، ٻئي ڀارتي سرپرستي ۾ هلندڙ دهشتگرد جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عزم استحڪام تحت دهشتگردي جي خاتمي تائين ڪارروائيون جاري رکندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.