ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪجهه ڏينهن اندر نياڻين جي هراسمينٽ ۽ بيگناهه قتل واقعن خلاف جي ڊبليو سي جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون، احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ سنڌ جي مظلوم ماڻهن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ سماجي تنظيم جرنلسٽس، رائيٽرس، سول سوسائٽي فار ٽرٿ پيس اينڊ جسٽس (جي ڊبليو سي) جي مرڪزي سڏ تي ڪارو ڪاري جي ڪڌي عمل ۽ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين کي هيسائڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، احتجاجي ريلي ۾ جي ڊبليو سي اڳواڻن پاران خالده چانڊيو، شمائلا چانڊيو ۽ فھميده لغاري جي قاتلن کي سخت کان سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ريڊيو پاڪستان کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، انساني حقن جي تنظيمن جي ڪارڪنن، جي ڊبليو سي جي ڪارڪنن، صحافين ۽ عام شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻي مرڪزي اڳواڻن ظفر هڪڙو، شاهده راڄپر، فهيم ٻٻر، ضلعي صدر نياز وگھيو، نائب صدر الطاف ڪوٽي، امداد سيلرو، جنرل سيڪريٽري غلام سرور هڱورو، اورنگ زيب ڀٽو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جڏهن ته ريلي ۾ شريڪ مختلف مڪتب فڪر جي اڳواڻن عوامي تحريڪ جي نور احمد ڪاتيار، سنڌ صوفي فورم اڳواڻ ڊاڪٽر بدر چنا، مسلم ليگ فنڪشنل اڳواڻ رفيق مگسي ۽ ٻين خطاب ڪيو، جڏهن ته فنڪارن جي تنظيم اسٽيپ پاران ياسين چن جي ڊائريڪشن ۾ ڪارو ڪاري جي عنوان هيٺ اداڪارن عقيل قريشي نيحا سحر ۽ عامر پهوڙ اسٽريٽ ٿيٽر پيش ڪيو ويو، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڪارو ڪاري توڙي ٻين الزامن ھيٺ عورتن کي قتل ڪرڻ وارا واقعا جاري آھن، تازو ئي ٽنڊو مستي ۾ خالده چانڊيو ۽ ھالا ۾ شمائلا چانڊيو کي ڪاري ڪري بيدردي سان قتل ڪيو ويو ٻئي پاسي ميرپورخاص ۾ ميڊيڪل کي شاگردياڻي فھميده لغاري کي ايترو ته هراسان ڪيو ويو جو هو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي، ملڪ جي اعليٰ عدالتن طرفان جرڳن تي پابندي لڳل آھي، سنڌ حڪومت طرفان عورتن جي حقن ۽ تحفظ لاءِ ڪيترائي قانون پاس ٿيل آھن پر افسوس جي ڳالهه آهي ته انھن تي بلڪل به عمل نه ٿو ڪيو وڃي، اڳواڻن جو چوڻ هو ته اهڙي قسم جي واقعن کي روڪڻ لاءِ تعليمي ادارن ۾ حڪومت پاران هراسمينٽ ڪميٽيون قائم ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ٿيل آهي پر ڪنهن به يونيورسٽي يا تعليمي اداري ۾ هراسمينٽ ڪميٽيون ايڪٽو ناهن جنهن ڪري اهڙي قسم جا واقعا پيش اچڻ معمول بڻيل آهي، اهڙا اهي ڪهڙا هٿ ۽ ڪارڻ آهن جو وڏيرڪي سماج ۾ پابندين باوجود اڄ به کلي عام جرڳا ڪري معصوم نينگرين جي موت جو پرانو جاري ڪيو وڃي ٿو، سنڌ ۾ ڪارو ڪاري ۽ يونيورسٽين ۾ نياڻين جي خودڪشين جي وڌندڙ واقعن خلاف سماجي تنظيم جي ڊبليو سي پاران شوڪت نوناري جي اڳواڻي ۾ ٻيڙي چوڪ کان ڪنڌرا ناڪي تائين ريلي ڪڍي وئي، ٽنڊو مستي ۾ ڪاري ڪري قتل ٿيل خالده چانڊيو، هالا جي شمائلا چانڊيو ۽ ميڊيڪل جي شاگردياڻي فهميده لغاري جي خودڪشي واري معاملي تي جي ڊبليو سي جي چيئرمين شوڪت نوناري، ايڊووڪيٽ الاهي بخش ميتلو، اسٽيپ فائونڊيش جي چيئرمين شائسته بلوچ شهري اتحاد روهڙي جي صدر رياض احمد شيخ، سول سوسائٽي سماجي تنظيمن ۽ روهڙي شهر جي باشعور عوام وڏي انگ شرڪت ڪئي، سنڌ ۾ قتل ٿي ويل معصوم نياڻين کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ٻيڙي چوڪ کان ڪنڌار ناڪي تائين ريلي ڪڍي ڇتي نعريبازي ڪئي اڳواڻن گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ هي ڪارو ڪاري وارو نظام اصل ۾ هتان جي وڏيرن پيرن ميرن ۽ سردارن جو هي ڪاروبار آهي جيڪي غريب گهراڻي جي نياڻين مٿان ڪارو ڪاري جهڙيون تهمتون هڻي انهن کي قتل ڪرائي لکين رپيا ڪمائي رهيا آهن ۽ تعليم جهڙي ادارن ۾ وڏيرڪي وارو سسٽم هلي رهيو آهي سنڌ حڪومت سردارن ڀوتارن جي ڪمداري وارو ڪم ڪري پئي، هاڻي اهڙن ڪڌن ڪاروبارن ۽ تعليمي ادارن ۾ ويٺل ڪارين رڍن کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ايندڙ نسل جي آزادي لاءِ اسان کي هڪ گڏيل آواز اٿارڻو پوندو، سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، ڪاريءَ جي رسم تحت نياڻين جي قتل ۽ خاص ڪري ٽنڊو مستي جي رهواسڻ خالده چانڊيو ۽ هالا جي رهواسڻ شمائلا جي قتل خلاف جي ڊبليو سي جي سڏ تي غلام حسين خواجہ، اقبال جاکرو، الطاف شاھ شيرازي، ناٿو بروھي، راجو قريشي، ڀورو سرڪي، خير محمد بروھي، اسماعيل ميمڻ، سارنگ چانڊيو، منصور جلالاڻي، نظير جاکرو، رحمت الله ڇٽو، رشيد جاکرو، عزيز لاشاري، آصف جوکيو، عبدالله چانڊيو، اي بي شورو، منظور پالاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، مختلف سياسي ۽ سماجي ڌرين پاران ڪارنھن جي الزامن ۾ قتل ٿيل نياڻين جي خون سان انصاف لاءِ ٽنڊوالھيار ۾ ريلي ڪڍي وئي ۽ احتجاج ڪيو ويو. اسٽيشن چونڪ کان نڪتل ريلي پريس ڪلب تي پھچي ختم ٿي، مظاھرين جي ھٿن ۾ ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪيل شمائلا چانڊيو، خالده چانڊيو ۽ آپگھات ڪندڙ ڊاڪٽر فھميدہ لغاري جون تصويرون کنيل ھيون، اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ ۾ نياڻين خلاف وڌندڙ تشدد، خاص ڪري ڪارنهن جي الزامن هيٺ قتل جي واقعن ۽ تعليمي ادارن ۾ نفسياتي دٻاءُ سبب ٿيندڙ آپگهات انتهائي ڳڻتي جوڳو عمل آهي، ھر ايندڙ ڏينھن سنڌ ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪا نه ڪا نياڻي ڪاري جي الزام ھيٺ بي گناھ ماري پئي وڃي جيڪو سراسر ظلم آھي، عورت کي ڪارو قرار ڏيڻ واري ظالماڻي روايت کي جنم ڏيندڙ سرداري نظام آھي، جسيتائين سرداري نظام جو مڪمل خاتمو نه ايندو تيستائين اھڙا واقعا رونما ٿيندا رھندا، لاڙڪاڻي ۾ جي ڊبليو سي جرنلسٽس، رائيٽرس، سول سوسائٽي، فار ٽرٿ پيس اينڊ جسٽس مرڪز جي سڏ تي ٽنڊو مستي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل نياڻي خالده عرف ربينه چانڊيو، مير پورخاص خانگي ميڊيڪل ڪاليج ۾ حراسمينٽ کان تنگ ٿي خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر فھميده لغاري ۽ هالا ۾ قتل ٿيل شمائلا چانڊيو جي قتل ڪيسن ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي شهر جي جناح باغ چوڪ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ريلي ۾ سياسي، سماجي، قومپرست، مذهبي جماعتن جي اڳواڻن، سول سوسائٽي جي نمائندن، اديبن، شاعرن، ليکڪن، وڪيلن، ڊاڪٽرن، صحافين سميت مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن هٿن ۾ بئنر کڻي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن ظفر ابڙو، رزاق مسڻ، عبدالقادر جاگيراڻي، سيد جاويد شاھ، اطھر سومرو، اشرف ڪلھوڙو، ستار هليو، ڊاڪٽر مظهر مغل، ڊاڪٽر سڪينه گاد، نثار مغيري، عامر ڏاهاڻي، شيبا مغل ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم تحت نياڻين کي قتل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته انهن جا لاش بغير غسل ۽ ڪفن جي دفن ڪرڻ وارن واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي، سنڌ جي تعليمي ادارن اندر پڙهندڙ نياڻين کي وحشي بگهڙن پاران مسلسل حراسان ڪيو پيو وڃي، جنهن کان تنگ اچي ڪيترن ئي نياڻين خودڪشيون ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو آهي، پر افسوس جو انهن رهزنن خلاف ڪابه اثرائتي ڪاروائي ناهي ڪئي وئي، جنهن عمل سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم تحت قتل ٿيندڙ نياڻين جي ايف آءِ آر رياست جي فرياد تي داخل ڪري ملوث جوابدارن کي سخت کان سخت سزائون ڏيڻ سان گڏ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ نياڻين کي حراسان ڪندڙن خلاف جوڳا قدم کڻي نياڻين جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته جي ڊبليو سي ميرپورخاص پاران ميرپورخاص پريس ڪلب جي صدر نظير پنهور جي اڳواڻي ۾ سياسي سماجي مذهبي سول سوسائٽي وڪيل برادري ۽ صحافين پاران خالده، شمائلا چانڊيو ۽ فهميدا لغاري جي خون سان انصاف لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، ان موقعي تي علماءِ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ مولانا حفيظ الرحمٰن فيض، ھاءِ ڪورٽ بار جي صدر وڪيل شوڪت راهمون، نورمحمد مري ۽ ٻين خطابڪيو، نياڻين جي هراسمينٽ ۽ قتل واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏيارڻ جي گهر ڪئي وئي، راڻي پور ۾ ٽنڊو مستي جي ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ ڪاريءَ جو الزام هڻي بي دردري سان قتل ڪيل 20 سالن جي نياڻي خالدہ چانڊيو جي قتل ۾ ملوث مک جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ وائيس آف راڻيپور، سول سوسائٽي، شھرين سياسي سماجي تنظمين پاران وڏيرو نماڻو خان سرڪي، غازي علي امداد لاڙڪ، ميڊم شاهدان ڀيلار، ڊاڪٽر نظير کوکر، الطاف عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ کير بازار کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، مظاھرين جي ھٿن ۾ نعاري واري بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل ھئا. اھا ريلي شھر جي مختلف رستن شاھي بازار، صرافه بازار، ڪلاٿ مارڪيٽ، سونارا بازار کان ٿيندي پريس ڪلب پھتي، جتي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مظاهرين چيو ته خالدہ چانڊيو کي بيگناهه قتل ڪري سندن جو لاش بنا غسل ۽ جنازي نماز جي دفنايو ويو، جڏھن ته پوليس سندس قتل ۾ ملوث مک جوابدارن کي بچائڻ ۾ مصروف آهي، ھنن چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن جي سامهون خالدہ چانڊيو کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو پر پوليس هن وقت تائين صرف ٽي جوابدار گرفتار ڪري سگهي آهي، جنهن مان پوليس جي نااهلي صاف ظاهر ٿئي پئي.