ايران سان گڏجي چين نئون عالمي معاشي ڍانچو پيو ٺاهي:ساجد تارڙ

اسلام آباد (مزمل سهروردي)پاڪستان ڄائي آمريڪي بزنيس مين ۽ ريپبلڪن مسلم اڳواڻ  ساجد تارڙ چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تڪرار لڳ ڀڳ 45 سالن کان جاري آهي ۽ ٻنهي ملڪن جا عوام به هاڻي جنگ جي خاتمي جا خواهشمند آهن. سندس چوڻ هو ته عالمي سطح تي  تيل جون قيمتون، يورپ، چين ۽ ٻين معيشتن تي هن جنگ جا سڌا اثر پئجي رهيا آهن.هن چيو ته آمريڪا جي حڪومتي نظام اندر مختلف راءِ موجود آهي هڪ پاسي جنگي پاليسين جي حمايت ڪندڙ حلقا آهن، جڏهن ته ٻئي پاسي جنگ جي مخالفت ڪندڙ به آهن. سندس مطابق آمريڪا جو دفاعي ۽ صنعتي نظام جنگ سان جڙيل رهي ٿو، جنهن سبب عالمي بحران وڌن ٿا.تارڙ موجب چين هن سڄي صورتحال ۾ سڌي فوجي مداخلت کان پاسو ڪري رهيو آهي، پر ايران سان سفارتي ۽ معاشي لاڳاپن ذريعي متبادل نظام ٺاهي رهيو آهي، خاص طور تي مالياتي ادائيگين ۽ پابندين کان بچاءَ لاءِ نوان طريقا اختيار ڪيا پيا وڃن.ايران لاءِ ٻه وڏا معاملا اهم آهن هڪ يورينيم جي افزودگي ۽ ان جو مستقبل ٻيو آبناءِ هرمز تي ڪنٽرول ۽ سيڪيورٽي،سندس مطابق ايران هاڻي پنهنجي ايٽمي پروگرام کي پنهنجي دفاعي حق طور ڏسي رهيو آهي ۽ ڪنهن به ٻاهرين دٻاءَ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،هن چيو ته خطي ۾ تيل جي آمدورفت ۽ بحري رستن تي تڪرار وڌي رهيو آهي، جنهن سان عالمي معيشت متاثر ٿي سگهي ٿي. ڪجهه تجزيه نگارن موجب جيڪڏهن رستا بند ٿين ٿا ته تيل ۽ گيس جي فراهمي تي وڏو اثر پوندو.ساجد تارڙ پاڪستان جي قيادت، خاص طور تي فيلڊ مارشل ۽ وزيراعظم جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان رابطا ڪري امن لاءِ ڪوششون ڪيون، ۽ اسلام آباد ۾ ايران–آمريڪا ڳالهين لاءِ به ماحول ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.جيڪڏهن سفارتي ڳالهين ۾ ڪاميابي نه ملي ته خطي ۾ ڇڪتاڻ ٻيهر وڌي سگهي ٿي. ڪجهه تجزيه موجب صورتحال اڃا غير يقيني آهي ۽ ايندڙ مهينا فيصلا ڪن ٿي سگهن ٿا،هن چيو ته هن وقت عالمي سياست هڪ نازڪ موڙ تي آهي، جتي ايران، آمريڪا، چين ۽ خطي جا ٻيا ملڪ پنهنجي مفادن جي حفاظت لاءِ مختلف حڪمت عمليون اختيار ڪري رهيا آهن، جڏهن ته پاڪستان وچ ۾ امن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.