عورتن جي قتل جا واقعا ادارن جي ناڪامي ظاهر ڪن ٿا: ايڊووڪيٽ روبينا

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) عورتن جي وقار واري ڪميشن طرفان لاڙڪاڻي ۾ ماءُ ۽ ڌيءَ جي بي رحماڻي قتل واري واقعي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي سخت مذمت ڪئي وئي، ڪميشن جو چوڻ هو ته اطلاعن موجب رشتو ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي عورتن کي قتل ڪيو ويو، سندن لاشن کي بنا پوسٽ مارٽم ۽ بنا ڪنهن قانوني ۽ ثقافتي طريقيڪار جي سنڌو درياهه ۾ اڇلائڻ انتهائي ڏکوئيندڙ، غير انساني ۽ ناقابلِ قبول عمل آهي، اهڙا وحشياڻا عمل قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي خطرناڪ ناڪامي ۽ عورتن ۽ نياڻين جي خلاف وڌندڙ تشدد کي ظاهر ڪن ٿا، سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اهڙن واقعن جو وڌندڙ انگ انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي،  عورتن ۽ نياڻين کي پنهنجي زندگين بابت فيصلا ڪرڻ جو حق حاصل آهي، نام نهاد عزت جي نالي تي قتل رياست خلاف سنگين ڏوهه آهي، چيئرپرسن ايڊووڪيٽ روبينا امان بروهي چيو ته آخر اسان کي انصاف ملڻ تائين نياڻين جا ڪيترا لاشون کڻڻا پوندا، هاڻي بس گهڻو ٿيو، ڪميشن سخت ڪارروائي، جوابدارن جي فوري گرفتاري، فوري  ۽ شفاف جاچ، ۽ تيز رفتار ٽرائل جو مطالبو ڪري ٿي ته جيئن متاثرن کي انصاف ملي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.