لنڊن(عوامي آواز نيوز)ايران جي جنگ لڳ ڀڳ 50 ڏينهن دوران عالمي معيشت تي وڏو اثر ڇڏيو آهي، جتي اندازن موجب 50 ارب ڊالر کان وڌيڪ ماليت جو خام تيل پيدا ئي نه ٿي سگهيو، جنهن ڪري عالمي توانائي سپلاءِ سخت متاثر ٿي آهي۔تجزيا نگارن ۽رائٽرز جي رپورٽن موجب جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ دنيا 50 ارب ڊالر کان وڌيڪ ماليت جي خام تيل کان محروم ٿي چڪي آهي، جيڪو عالمي توانائي فراهمي لاءِ هڪ وڏو ڌڪ آهي۔ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آبناءِ هرمز کي بحري آمدرفت لاءِ ٻيهر کوليو ويو آهي، جڏهن ته ٽرمپ اميد ظاهر ڪئي آهي ته جنگ جي خاتمي لاءِ معاهدو جلد ٿي سگهي ٿو۔انگن اکرن موجب 50 ڪروڙ بيرل کان وڌيڪ خام تيل ۽ ڪنڊينسيٽ عالمي مارڪيٽ مان غائب ٿي چڪا آهن، جيڪا جديد تاريخ ۾ توانائي جي فراهمي ۾ وڏي رڪاوٽ سمجهي وڃي ٿي۔ماهرن هن نقصان کي هن ريت بيان ڪيو آهي ته ڄڻ دنيا ۾ 10 هفتا هوائي سفر مڪمل بند رهي، يا 11 ڏينهن تائين ڪا به گاڏي نه هلي، يا 5 ڏينهن تائين پوري دنيا کي تيل جي فراهمي بند رهي۔رپورٽن موجب اها مقدار آمريڪا جي لڳ ڀڳ هڪ مهيني جي تيل جي ضرورت يا يورپ جي هڪ مهيني کان وڌيڪ گهرجن جي برابر آهي، جڏهن ته اها آمريڪي فوج جي لڳ ڀڳ ڇهن سالن جي ٻارڻ ضرورتن يا عالمي شپنگ انڊسٽري کي چار مهينا هلائڻ لاءِ ڪافي هئي،نار جي ملڪن ۾ مارچ دوران روزانو لڳ ڀڳ 80 لک بيرل تيل جي پيداوار متاثر ٿي، جڏهن ته سعودي عرب، قطر، متحده عرب امارات، ڪويت، بحرين ۽ عمان مان جيٽ فيول جي برآمدن ۾ به نمايان گهٽتائي ڏٺي وئي۔فيبروري ۾ جتي لڳ ڀڳ 1 ڪروڙ 96 لک بيرل جيٽ فيول برآمد ٿيو، اتي مارچ ۽ اپريل ۾ گڏجي رڳو 41 لک بيرل رهيو، جيڪا لڳ ڀڳ 20 هزار عالمي پروازن جي ايندھن جي برابر گهٽتائي آهي۔ماهرن موجب جنگ دوران تيل جي سراسري قيمت 100 ڊالر في بيرل رهي، جنهن سان مجموعي نقصان 50 ارب ڊالر تائين پهچي ويو، جيڪو جرمني جي سالياني معيشت جي لڳ ڀڳ هڪ سيڪڙو يا ليٽويا ۽ ايسٽونيا جي مجموعي معيشت جي برابر آهي۔جيئن ته آبناءِ هرمز کوليو ويو آهي، تڏهن به ماهرن جو چوڻ آهي ته تيل جي پيداوار ۽ ترسيل کي مڪمل بحال ٿيڻ ۾ وقت لڳندو۔ اپريل ۾ عالمي ذخيرن ۾ لڳ ڀڳ 4 ڪروڙ 50 لک بيرل جي گهٽتائي ۽ روزانو پيداوار ۾ 1 ڪروڙ 20 لک بيرل تائين رڪاوٽ آئي آهي۔ڪويت ۽ عراق جي وڏن آئل فيلڊز کي مڪمل بحالي لاءِ 4 کان 5 مهينا لڳي سگهن ٿا، جڏهن ته راس لفان (قطر) جهڙن توانائي مرڪزن کي مڪمل بحالي لاءِ شايد ڪيترائي سال لڳن۔ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيتوڻيڪ جنگ بندي جون ڪوششون جاري آهن، پر هن بحران جا معاشي اثر ڊگهي عرصي تائين عالمي معيشت تي بار بڻيل رهندا۔