ايران آبناءِ هرمز کي وري بند ڪري ڇڏيو، ڀڃڪڙي تي ڀارتي بحري جهازن تي فائرنگ

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران هڪ ڀيرو ٻيهر آبناءِ هرمز کي بند ڪري ڇڏيو ۽ ڀارت جي ٻن تيل بردار جهازن کي آبناءِ هرمز مان گذرڻ کان روڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي جهازن تي فائرنگ به ڪئي وئي، ڀارتي بحري جهازن ۾ وي ايل سي سي سپر ٽينڪر به آهي، ڀارتي بحري جهازن ۾ 20 لک بيرل عراقي تيل ڀريل آهي.
پاسداران انقلاب چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا طرفان آبناءِ هرمز جي ناڪابندي جاري رهي ته ان رستي کي ڪالعدم تصور ڪيو ويندو.
پاسداران انقلاب موجب آبناءِ هرمز جو ڪنٽرول ان وقت تائين هٿياربند فوجن جي سخت انتظام ۽ ڪنٽرول ۾ رهندو، جيستائين آمريڪا ايراني بندرگاهن لاءِ بحري جهازن جي روانگي جي ناڪابندي ختم نٿو ڪري.
پاسداران انقلاب آمريڪي فوج طرفان ناڪابندي کي غير قانوني قدم قرار ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.