ڪينگروز 15 سالن کانپوءِ وائيٽ بال سيريز لاءِ بنگالين جي ديس ويندا، شيڊيول جاري

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ آسٽريليا بنگلاديش خلاف وائيٽ بال سيريز جي شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن تحت آسٽريلوي ٽيم 15 سالن کانپوءِ بنگلاديش جو دورو ڪندي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان ڪيل اعلان موجب آسٽريليا ۽ بنگلاديش وچ ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون وينديون.
ٽئي ون ڊي ميچون ڍاڪا ۽ ٽي ٽوئنٽي ميچون چٽاگرام ۾ کيڏيون وينديون.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب بنگلاديش جي دوري کان اڳ آسٽريلوي ٽيم پاڪستان جو به رُخ ڪندي، جتي 3 ون ڊي ميچون کيڏيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.