ٽرمپ جي ڪوششن سان جنگبندي ممڪن ٿي، لبنان جي خود مختياري جي حمايت جاري رکنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف لبنان ۾ جنگبندي جي اعلان جي آجيان ڪئي آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم چيو ته آمريڪي صدر جي قيادت ۾ سفارتي ڪوششن اها جنگبندي ممڪن بڻائي، اها امن ڏانهن هاڪاري اڳڀرائي آهي.
هن چيو اميد ته جنگبندي خطي ۾ ڊگهي امن لاءِ رستو کوليندي، پاڪستان لبنان جي خود مختياري ۽ علائقائي سلامتي جي مڪمل حمايت جاري رکندو، خطي ۾ مستقبل امن لاءِ سفارتي ۽ سياسي ڪوششن جي حمايت جاري رکنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.