واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آبناءِ هرمز کولڻ تي ايران جا ٿورا مڃڻ سان گڏ بحري ناڪابندي جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آبناءِ هرمز کولڻ تي ايران جو ٿورائتو آهيان، پاڪستاني وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جا به ٿورا مڃان ٿو، ٻئي زبردست شخصيتون آهن.
هن چيو ته آبناءِ هرمز مڪمل طور کليل آهي ۽ ڪاروبار ۽ مڪمل اچ وڃ لاءِ تيار آهي پر بحري ناڪابندي ڀرپور طاقت سان برقرار رهندي ۽ ان وقت تائين جاري رهندي، جيستائين ايران سان اسان جو 100 سيڪڙو معاهدو نٿو ٿئي.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا بي ٽو بمبار جهازن ذريعي پيدا ٿيندڙ سموري نيوڪليئر ڊسٽ حاصل ڪندو، ان معاهدي ۾ ڪنهن به صورت يا طريقي سان ڪا ڏي وٺ نه ٿيندي، اهو معاهدو ڪنهن به طور لبنان سان مشروط ناهي پر آمريڪا لبنان سان الڳ ڪم ڪندو ۽ حزب الله جي معاملي کي مناسب انداز ۾ اڪلايو ويندو.
ٽرمپ چيو ته اسرائيل هاڻ لبنان تي بمباري نه ڪندو، آمريڪا ان کي ائين ڪرڻ کان سختي سان روڪيو آهي، گهڻو ٿيو!
هن سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ قطر جا به ٿورا مڃيا.
You might also like